Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

جيئن مبارڪ حديثن جي سڀ کان معتبر ڪتاب ”بخاري شريف“ ۾ آهي :

سرڪارِ مدينه، قَرارِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن اِرشاد فرمايو:
 
اُحُدٌ جَبَلٌ یُحِبُّنَا وَنُحِبُّہٗ يعني اُحُد جبل اسان سان مَحَبَّت ڪري ٿو ۽ اسان به ان سان مَحَبَّت ڪيون ٿا۔ (بخاري، ڪتاب الزڪاۃ، باب خرص التمر، ج۱،ص ۵۰۰،حديث:۱۴۸۲)

علمِ غيبِ مُصطَفٰي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! غور ڪيو! جڏهن آقا عَلَيه السَّلَام کي هڪ پٿر جو حال مَعلُوم آهي ۽ اهي ڄاڻن ٿا ته ڪنهن پٿر ۾ اسان سان ڪيتري مَحَبَّت آهي ته اهي مؤمن ٻانهي جي دلي احوال کان به يقيناً واقف آهن، تڏهن ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حَضْرتِ حذيفه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي چوڻ بغير ئي ان جي دلي خواهش تي آگاھ ٿيا ۽ ان جي لاءِ ۽ ان جي امڙ جي لاءِ مغفرت جي دُعا فرمائي، هن رِوايت کي ٻڌي ڪري جيڪڏهن اهو وسوسو اچي ته دلي احوال ۽ ڪيفيتن جو علم ته غيب آهي ۽ علمِ غيب صرف الله عَزَّوَجَلَّ وٽ آهي ته ياد رکو ته ان ۾ ڪوئي شڪ ناهي ته اللهعَزَّوَجَلَّ عَالِمُ الغَيبِ وَالشَّهادَة آهي، ان جو علمِ غيب ذاتي يعني ان جو پنهنجو آهي ۽ هميشه هميشه کان آهي جڏهن ته نبين سڳورن عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلامُ ۽ ولين سڳورن رَحِمَهمُ الله السّلام جو علمِ غيب ذاتي ناهي بلڪ عطائي يعني الله تَعَالٰي جو ڏنل آهي ۽ انهن وٽ اهو علم هميشه هميشه کان ناهي بلڪ جڏهن کان الله عَزَّ وَجَلَّ انهن کي ڏنو آهي، تڏهن کان آهي ۽ جيترو ڏنو آهي اوترو آهي ان جي ڏيڻ کان بغير هڪ ذرّي جو به علم انهن کي حاصل ناهي، تنهنڪري الله عَزَّوَجَلَّ ئي انبيا ۽ اولياء کي علم عطا فرمائيندو آهي ۽ اهي ان علم کي اڳيان به ڦهلائيندا آهن، جيئن علمِ غيبِ مُصطَفيصَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي باري ۾قرآنِ پاڪ ۾ اِرشاد آهي :