Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

تي عمامو ٻڌڻ ۽ وارن ۾ ڦڻي وغيره ڪرڻ جو ننڍپڻ کان عادي بڻايو وڃي ته اهو نه فقط پاڻ انهن پاڪيزه عادتن کي اپنائيندو آهي، پر ان جون اهي مدني وصفون ان جي صحبت ۾ رهڻ وارن ٻين ٻارن ۾ به منتقل ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن۔

 ياد رکو جيڪڏهن اسان جي تربيت ان کي الله عَزَّوَجَلَّ جي بندگي، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي غلامي ۽ اسلامي معاشري ۾ ان جي ذميداري نه سيکاري سگهي ته پوءِ ان کي پنهنجو فرمانبردار بڻائڻ جي خواهش به نه رکو ڇوته اهو اسلام ئي آهي جيڪو هڪ مسلمان کي پنهنجي والدين جو مُطيع ۽ فرمانبردار ٿيڻ جي تعليم ڏئي ٿو۔ ان ڪري اولاد جي ظاهري زيب و زينت، سٺي خوراڪ، سٺو لباس ۽ ٻين ضرورتن جي ڪفايت سان گڏوگڏ، ان جي اخلاقي ۽ روحاني تربيّت جي لاءِ به ڪوشش ڪريو۔

جامعة المدينه ،مدرسة المدينه ۽ دارُ المدينه جو مختصر تعارف!

اَلْحَمْدُلِلّٰه عَزَّوَجَلَّ تبليغِ قراٰن ۽ سنت جي عالمگير غير سياسي تحريڪ دعوتِ اسلامي جتي وڏن جي اصلاح جي ڪوشش ۾ آهي، اتي ننڍن ٻارن کي به ديني تعليم ۽ تربيت جي ذريعي معاشري جو هڪ اهم فرد بنائڻ جي لاءِ به مصروفِ عمل آهي۔ دعوتِ اسلامي جي تحت قائم ٿيڻ وارا ڪيئي شعبا جيئن مدرسةُ المدينه، جامعةُ المدينه ۽ دارُ المدينه ان جو واضح ثبوت آهن۔ خاص طور تي دارُالمدينه هڪ اهڙو تعليمي ادارو آهي جيڪو دِيني ۽ دُنيوي تعليم جو حسين امتزاج آهي۔ جنهن ۾ پڙھڻ وارو ٻار وڏو ٿي باوقار مسلمان بڻجي سگھي ٿو۔ ”دارُالمدينه“ جي قيام جو بنيادي مقصد اُمّتِ مصطفيٰ جي نئين نسلن کي سُنّتن تي عمل ڪرائيندي دِيني ۽ دُنيوي تعليم سان آراسته ڪرڻ آهي۔ جيڪڏهن اسان به چاهيون ٿا ته اسان جا ٻار به نماز، روزي جا پابند بڻجن،