Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

تربيتِ اولاد جي اهميت!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! واقعي اَولاد جي تربيت هڪ آزمائش کان گھٽ ناهي، جيڪڏهن اِنسان صحيح طرح سان شريعت جي عين مُطَابِق پنهنجي اولاد جي تربيت ڪري وڃي ته اولاد ان جي لاءِ ثوابِ جاريه جو سبب آهي ۽ جيڪڏهن اولاد صحيح تربيت نه هئڻ جي سبب خدانخواسته گناهن جي راھ تي هلڻ لڳو ته اهڙو اولاد والِدَين جي لاءِ جتي دنيا ۾ رُسوائي جو سبب بڻجي ويندو آهي، اتي آخرت ۾ به والِدَين جي پڪڙ جو سبب بڻجي سگھي ٿو۔ حضرت سَيدُنا عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا هڪ شخص کي فرمايائون: پنهنجي ٻار جي چڱي تربيت ڪيو ڇوته توهان کان توهان جي اولاد جي باري ۾ پڇيو ويندو ته توهان ان جي ڪهڙي تربيت ڪئي آهي ۽ توهان ان کي ڇا سيکاريو۔

(شعب الايمان، ۲/۴۰۰)

اولاد جي صحيح تربيت ڪرڻ جو وڌيڪ بهترين وقت ننڍپڻ هوندو آهي، جھڙي طرح ميڻ کي جنهن به سانچي ۾ وجهڻ چاهيندؤ، اهو آساني سان ان ۾ پئجي ويندو۔ اهڙي طرح ٻارن کي انهن جي ابتدائي عمر ۾ جنهن به رنگ ۾ رنڱيو وڃي، اهي رنڱبا ويندا، ڇوته ٻار جو حافظو هڪ خالي فرهيءَ وانگر هوندو آهي ان تي جيڪو ڪجهه لکيو ويندو سڄي عمر جي لاءِ محفوظ ٿي ويندو۔ ڏٺو ويندو آهي ته ننڍپڻ جون عادتون آخر تائين گڏ رهنديون آهن ان ڪري جيڪڏهن ٻار کي ننڍپڻ کان ئي سلام ۾ پهل ڪرڻ جي عادت وڌي وڃي ته اهو سڄي عمر ان عادت کي ناهي ڇڏيندو۔ جيڪڏهن ان کي ننڍپڻ  کان ئي نماز جي پابندي ڪرڻ، قرآنِ ڪريم جي تلاوت ڪرڻ، فلمون ڊراما ۽ گناهن ڀرين مختلف چينلن کان بچڻ، ماءُ پيءُ ۽ وڏن جو ادب ۽ اِحترام ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ جي عادت وڌي وڃي ته اهو سڄي عمر ڪوڙ کان بيزار رهندو۔ اهڙي طرح ان کي سنّت مطابق کائڻ پيئڻ، ويهڻ، جُتي پائڻ، لباس پائڻ، مٿي