Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

حاصل ڪندا هئا۔ جيئن هڪ ڀيري پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ صبح جي نماز ۾ حضرت سيِّدُنا سُليمان بن ابي حَثۡمَه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کي نه ڏٺو، بازار تشريف وٺي ويا رستي ۾ ان جو گھر هو ان جي امڙ حضرت سيدتنا شِفا رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْها وٽ تشريف وٺي ويا ۽ فرمايائون ته صبح جي نماز ۾ مون سُليمان کي نه ڏٺو! انهن چيو؛ رات جو نماز (يعني نفل) پڙهندا رهيا پوءِ ننڊ وٺي وئي، سيِّدُنا عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فرمايو؛ صبح جي نماز باجماعت پڙهان هي منهنجي ويجھو ان کان بهتر آهي جو رات جو قيام ڪيان (يعني سڄي رات نفل پڙهان)

(موطّا امام مالڪ ج۱ص۱۳۴حديث۳۰۰،ازنيڪي ڪي دعوت ،ص۴۷۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!  اوهان ڏٺو ته! سيدُنا عُمَرفاروقِ اَعظم رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ فجر نماز جي لاءِ جاڳائيندا ۽ نماز ۾ غير حاضر رهڻ واري جي گھر وڃي حال احوال پڇندا هئا۔ اسان کي به گھرجي ته صداءِ مدينه لڳائڻ سان گڏوگڏ نمازن جي وقت ۾ اهو به نوٽ ڪيون ته اسان جي پاڙي جي اسلامي ڀائرن مان ڪير جماعَت سان نماز پڙھي ٿو ۽ ڪير نه؟ جيڪڏهن ڪو نمازي ڪنهن نماز ۾ غير حاضِر هجي ته ان جي گھر وڃي يا فون ڪري اُن جي خبرچار وٺون، بيمار ٿيو هجي ته عِيادت ڪيون ۽ سُستي جي ڪري نه آيو هجي ته نيڪي جي دعوت ڏيون۔ تمام اسلامي ڀائرن کي اهو انداز اختيار ڪرڻ گھرجي، ان سان اسان جي مسجدن جي رونق بحال رهندي۔ جيڪڏهن اسان جي انفرادي ڪوشش سان هڪ اسلامي ڀاءُ به نماز جو عادي بڻجي ويو ته يقيناً نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو ثواب ملڻ سان گڏوگڏ اهو صدقه جاريه جو سبب به بڻجندو۔ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ

ڪامل مسلمان بڻجڻ، نمازن ۽ سنّتن جي عادت ٺاهڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان هر دم وابَسته رهو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّوَجَلَّ مُعاشري جا ڪيئي بگڙيل افراد دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول جي بَرَڪت سان سڌي واٽ تي اچي چڪا آهن، انهيء ضمن ۾ هڪ مدني بهار پيشِ خدمت آهي، جيئن