Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

سان لڳائي رکيو هو۔

خُطبو ڇڏي ڏنو

اهڙي طرح حضرتِ سيّدُنا ابوبُرَيده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ارشاد فرمائن ٿا ته هڪ دفعي رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن خطبو ارشاد فرمائي رهيا هئا ته ايتري ۾ حضرتِ حسن ۽ حضرتِ حُسين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا ٻئي ڳاڙهي رنگ جون قميصون پاتل هيون ننڍا هئڻ جي ڪري ڪڏهن ڪڏهن ڪِرندي ٿاٻڙجندي آيا ته رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جڏهن انهن کي ڏٺو ته منبر مبارڪ تان لٿا ۽ انهن ٻنهي شهزادن کي کڻي پنهنجي سامهون ويهاريو۔ پوءِ فرمايائون: اللهتَعَالٰي جو اِرشاد سچ آهي.

اِنَّمَاۤ  اَمۡوَالُکُمۡ وَ اَوۡلَادُکُمۡ  فِتۡنَۃٌ ؕ

(پ ۲۸،التغابن:۱۵)

 

ترجمو ڪنز الايمان :    توهان جو مال ۽ توهان جا ٻار امتحان ئي ته آهن.

مون انهن ٻارن کي ڏٺو ته ٿاٻڙجندي اچي رهيا آهن ته مون کان صَبر نه ٿي سگھيو، ايستائين جو مون پنهنجي ڳالھ اڌ ۾ ڇڏي انهن کي کڻي ورتو.

 (ترمذي ، باب مناقبِ حسن،۵/ ۴۲۹، حديث ۳۷۹۹)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيم الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَۃُ اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: ان موقعي تي حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم (ٻنهي شهزادن کي) حاضرين مان ڪنهن ذريعي نه گھرايو، نه ڪنهن ٻئي جي هنج ۾ ويهاريو، بلڪ پاڻ مِنبر شريف تان لهي خُطبو ڇڏي ٻارن وٽ ويا، اُنهن کي کنيو ۽ پنهنجي برابر ويهاريائون، اِها آهي حُضُور(صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي انتهائي مَحَّبت انهن ٻنهي سان۔ (۽) هن آيت سڳوري ۾’’فِتْنَۃٌ‘‘ بمعنٰي آفت يا مصيبت ناهي، بلڪ محنت يا آزمائش جي معني ۾ آهي، الله تَعَالٰي انهن جي ذريعي مؤمن کي ثواب ڏيندو آهي۔ (مراٰۃ المناجيح،۸/۴۷۸)