Book Name:Hasnain Karimayn say Huzor ki Muhabbat

ڪاميابي ماڻڻ جو سبب آهي، اهلِ بيت جي مَحَبَّت خاتمو بالخير جو ذريعو آهي۔ اهل بيت جي مَحَبَّت سچي عاشقِ رسول ٿيڻ جي نشاني آهي۔ اهلِ بيت جي مَحَبَّت غلاميء مُصطَفٰي جي سند آهي۔ اَلْغَرَض! اهلِ بيت سان مَحَبَّت رکڻ نهايت وڏي سعادت ۽ دائمي نجات جو سبب آهي، ان ڪري اسان کي پاڻ به انهن سان مَحَبَّت ڪرڻ گھرجي ۽ پنهنجي اولاد کي به اهلِ بيتِ اَطهار جي مَحَبَّت ۽ انهن جو ادب سيکارڻ گھرجي، ان جو هڪ ذريعو اهو به آهي ته پنهنجي اولاد کي اهلِ بيتِ اَطهار جا واقعا ٻڌايا وڃن، اهلِ بيتِ ڪرام جي سيرت ۽ ڪردار کان انهن کي آگاه ڪيو وڃي ۽ انهن جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جو درس ڏنو وڃي۔

اَلْحَمْدُ لِلّٰه عَزَّ وَجَلَّ دعوتِ اسلامي جي اِشاعَتي اداري مڪتبة المدينه اهلِ بيتِ اَطهار جي باري ۾ ڪتاب ۽ رسالا شايع ڪيا آهن، جن مان هڪ نهايت ئي پيارو ڪتاب ’’شانِ خاتُونِ جَنَّت‘‘ به آهي، جنهن ۾ شهزادِيء ڪونين، مخدومه ڪائنات، خاتونِ جَنَّت حضرت بي بي فا طمه زهرا رَضِي الله تَعَالٰي عَنْها جي سيرت ۽ ڪردار بابت رنگ برنگي مدني گلن سان مهڪندڙ خوشبوئون اُمّتِ مُسلمه تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، ان کان علاوه رسالو ”حسيني گھوٽ“، امام حُسَين جون ڪرامتون رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ اهي رسالا به مڪتبةُ المدينه تان هديةً طلب ڪري سگھجن ٿا، ۽ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان انهن کي پڙهي (Read) به سگھجي ٿو، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                               صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حَسَنَينِ ڪريمَين رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُمَا رَسُولُالله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم