Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

عالم اهو هو جو فحش ۽ بُرين ڳالهين کان نه صرف پاڻ بچندا هئا بلڪ پنهنجي متعلقين کي فحش ڳالهيون ٻُڌڻ کان به منع ڪندا هئا۔ جيئن ته

حضرت سيدُنا احمد بن يحيي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته ”هڪ ڏينهن حضرت سيدُنا امام شافعي  رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه قنديلن جي بازار مان نڪتا ته اسان به انهن جي پويان پويان هلڻ لڳاسين ڏٺوسين ته هڪ شخص ڪنهن عالِم کي بيهوده ڳالهيون چئي رهيو آهي، حضرت سيدُنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اسان ڏانهن متوجه ٿيا ۽ ارشاد فرمايائون: ”فحش ڪلامي ٻُڌڻ کان پنهنجي ڪنن کي پاڪ رکو جيئن توهان پنهنجي زبانن کي بُري ڪلام کان پاڪ رکو ٿا ڇوته (قصداً) ٻڌڻ وارو چوڻ واري سان گڏ شريڪ هوندو آهي ۽ بي وقوف ماڻهو ئي پنهنجي ٿانوَ (يعني دماغ) مان سڀ کان بُري ڳالھ توهان جي ٿانون (يعني دماغن) ۾ وجھڻ جي لالچ ڪندو آهي۔ جيڪڏهن بي وقوف جي ڳالھ ان ڏانهن موٽائي وڃي ته موٽائڻ وارو نيڪ بخت هوندو آهي جهڙي طرح ان جو قائل (چوڻ وارو) بدبخت هوندو آهي۔ (لباب الاحيا،ص ۲۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هن حڪايت مان معلوم ٿيو ته جيڪڏهن ڪنهن مجلس ۾ فحش ۽ بيهوده گفتگو ڪئي پئي وڃي ۽ اسان روڪڻ جي قدرت به رکندا هجون ته انهن کي روڪڻ گھرجي، نه ته گھٽ ۾ گھٽ دل ۾ ته بُرو سمجھندي اتان کان پري ٿيڻ گھرجي۔ ڪجھ اهڙا ماڻهو به موجود آهن جيڪي پاڻ ته فحش گوئي کان بچندا آهن پر جيڪڏهن ڪنهن کي فحش گوئي ۽ بدڪلامي ڪندي ڏسندا آهن ته ان جي فحش گوئي ۽ بدڪلامي کان مَعَاذَ الله عَزَّوَجَلَّ نهايت مزو وٺندا ۽ لُطف اندوز ٿيندا آهن انهن کي بد ڪلامي کان روڪڻ جي بدران انهن جي حوصله اَفزائي ڪندي پنهنجي آخرت جي تباهي جو سامان ڪندا آهن۔اهڙن ماڻهن جي باري ۾

نبي ڪريم  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمانِ عبرت نشان ٻڌو: چئن قسمن جا جهنّمي جيڪي ٻڙڪندڙ پاڻي ۽ باهي جي وچ ۾ ڍوڙنڌي ڀڄنڌي ويل ۽ ثبور