Book Name:Aslaf e Karam ki Sharam o Haya kay Waqiyat

ڪيو۔ پنهنجي هن رسالي ۾ حيا جو وصف، ان جا قسم، حيا جا احڪام، دَيوث ۽ فاسق جي وصف، عورتن جي اصلاح جو طريقو، عضوئن جي حياء جو بيان ۽ ٻين گهڻن مدني گلن کي بيان ڪيو آهي، مڪتبة المدينه هڪ ٻي رِسالي تذڪره اميرِ اهلسنّت قسط 7 بنام”پيڪرِ شرم و حيا“ به شائع ڪيو آهي، هن رِسالي ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي مبارڪ زندگي جا ڪجھ واقعا اسان جي تربيت جي لاءِ بهترين رهنمائي فرمائي رهيا آهن، تنهنڪري اڄ ئي انهن ٻنهي رسالن کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هدِيةً طلب ڪيو ۽ ٻين کي به تحفي طور پيش ڪيو۔ اهي ٻئي رسالا دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami.net تان رِيڊ(يعني پڙھي) به سگھو ٿا، ڊاؤن لوڊ (Download) ۽ پرنٽ آؤٽ (Print Out)به ڪري سگھو ٿا۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                                                                            صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

   مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! انسانن ۾ شرم وحياءُ جي حوالي سان مختلف طبقا آهن، انهن مان ڪجھ اللهعَزَّوَجَلَّ جا اهي نيڪ ٻانها آهن جيڪي ان جو خوف رکندي بي حيائي ۽ گناهن وارن ڪمن کان پري رهندا آهن، ڪي ماڻهن جي سامهون بدنامي جي خوف ۽ شرم جي وجه سان بُرن ڪمن کان پاسو ڪندا آهن، پر ڪجھ شرم وحياء کان عاري افراد اهڙا به آهن جنن کي بدنامي جي پروا ناهي هوندي، اهڙا ماڻهو بي خوف هر گناھ ڪري وٺندا آهن، اَخلاقيات جون حدون ٽوڙي بداَخلاقي جي ميدان ۾ لهي ويندا آهن ۽ انسانيت کان ڪريل ڪم ڪرڻ ۾ ٿورو شرم محسوس ناهن ڪندا، ڏينهن رات انهن جا هٿ پير، زبان ۽ اک ۽ دل ودماغ گناهن ۾ لٿڙيل رهندا آهن، يادرکو! اسان جا اهي سلامت عضوا الله عَزَّ وَجَلَّ جي نهايت وڏي نعمت آهن، اسان کي شڪرِ الٰهي ادا ڪندي انهن عضوئن کي گناهن کان بچائي الله عَزَّوَجَلَّ کان حيا جو حق ادا ڪرڻ گھرجي۔