Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

ضرورت هئي ته انهن نبين سڳورن (عَلَيۡهُمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام) جي پاڪ جماعَت مان ڪا اهڙي هستي به هجي جيڪا انهن سڀني شين کي ڏسي ڪري گواهي ڏي، هن جي گواهي تي شهادت جي تڪميل ٿي وڃي۔ اها شهادت جي تڪميل حُضُور عَلَيۡهِ السَّلَام جي ذات تي ٿي۔ (جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني شين کي پنهنجي مُبارڪ اکين سان مُلاحظه فرمايو) ([1])

امامِ عشق و محبت، سَيدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڇا خُوب فرمائن ٿا:

طُورِ موسیٰ چرخِ عِیسیٰ

سب جِہت کے دائرے میں

سب مکاں میں تم لامکاں میں

 

کیا مساویِّ دَنےٰ ہو

شش جِہت سے تم وَرا ہو

تَن ہیں تم جانِ صفا ہو

(حدائق بخشش،ص342)

شعرن جي سمجھاڻي:

(٭) يعني حضرت سَيدُنا موسيٰ ڪليمُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام کي جبل طُور تي گھرايو، حضرت سَيدُنا عيسيٰ روحُ الله عَلَيۡهِ السَّلَام کي آسمان تي گھرايو ويو ۽ اسان جي آقا حبيب الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عرش تي سڏائي ثُمَّ دَنٰی فَتَدَلّٰیجو قُرب عطا فرمايو۔ حضرتِ سَيدُنا موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو طُور تي تشريف وٺي وڃڻ، حضرتِ سَيدُنا عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جو چوٿين آسمان تي تشريف وٺي وڃڻ، پياري آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قُربِ خاص خُداوندي جي برابر هرگز نٿو ٿي سگھي۔

(٭) سمورا انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام هڪ نه هڪ جِهت جي دائري ۾ آهن، يعني انهن کي خاص خاص شان، ڪمالات ۽ مُعْجِزَات عطا فرمايا



([1])...شانِ حبیب الرحمن، ص۱۰۷، ملتقطاًوملخصاً