Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

تَبَارَڪ الله شان تيري!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي رات الله عَزَّوَجَلَّ سرورِڪائنات، شاھ موجودات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي پنهنجي ديدار سان نوازيو، جنهن جي طلب حضرتِ سيدُنا مُوسيٰ ڪلِيمُ الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي دل جي ڌڙڪن بڻيل هئي، ايستائين جو اها آرزُو، اِلتجاء بڻجي حضرت مُوسيٰ
 
عَلَيۡهِ السَّلَام  جي مُبارَڪ چپن تي آئي ۽ بارگاھ الٰهي ۾ عَرض ڪيو: رَبِّ اَرِنِی، اي منهنجا رَبّ مون کي پنهنجو ديدار عطا ڪر! رَبّ عَزَّوَجَلَّ اِرشاد فرمايو: ”لَنْ تَرٰنِی تون مون کي هرگز نه ڏسي سگھندين۔“ پر جڏهن پنهنجي پياري حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ڳالھ آئي ته پاڻ حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کي موڪلي محبوب کي گھرايو ۽ پنهنجي دِيدار سان نوازيو، تڏهن ته عاشقِ ماھ رسالت، اِمام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ڇا ته بهترين ارشاد فرمايائون:

تَبَارَکَ اللہ شان تیری تجھی کو زیبا ہے بے نیازی

کہیں تو وہ جوشِ لَنْ تَرانِیْ کہیں تَقاضے وِصال کے تھے

(حدائقِ بخشش،ص۲۳۴)

شعر جي سمجھاڻي:

يعني اي الله عَزَّوَجَلَّ تُون وڏي برڪت وارو آهين ۽ تنهنجو شان نهايت بُلند آهي ۽ بي نيازي تنهنجي ئي شان جي لائق آهي ۽ تنهنجا ڪم به ڪيترا نه عجيب آهن جو هڪ پاسي ته حضرت سَيدُنا مُوسيٰ عَلَيه السَّلام کي ديدار طلب ڪرڻ جي باوجود فرمايو پيو وڃي "اي مُوسٰي تُون مون کي هرگز نه ڏسي سگھندين" ۽ ٻي پاسي پنهنجي حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى