Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

کان نه ورتا ويندا آهن. بلڪ مخير اسلامي ڀائر هن نيڪي جي عظيم ڪم ۾ پنهنجو حصو شامل ڪندا آهن، هن سال به اِنْ شَآءَ اللهعَزَّ وَجَلَّ ملڪ ۽ بيرونِ ملڪ سوين هنڌن تي سڄي مهيني ۽ آخري عشري جو اعتڪاف ٿيندو، جنهن ۾ هزارين عاشقانِ رمضان، رمضان جي مبارڪ ساعتن جون برڪتون حاصل ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندا۔ تمام عاشقانِ رسول رضاءِ اِلٰهي ۽ ٻين سٺين سٺين نيتن سان "لنگرِ رضويه" جي مد ۾ پنهنجو حصو شامل ڪرڻ جي نيت فرمائي وٺو۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ ستاويهين (27وين) رات آهي ۽ سڀاڻي ستاويهن جو ڏينهن ٿيندو، ان ڏينهن يعني 27 رجب جي روزي جي وڏي فضليت آهي :"جيڪو خوش نصيب27 رجب جو روزو رکندو آهي ،اُن کي 60 مهينين جي روزن جو ثواب ملندو آهي"۔ (ڪفن جي واپسي،ص8)

سوسال جي روزن جو ثواب

ستاويهين رَجَب شريف جي روزي جي وڏي فضيلت آهي ،الله جي محبوب، داناءِ غُيوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ ذِيشان آهي: رجب ۾ هڪ ڏينهن ۽ رات آهي جيڪو ان ڏينهن روزو رکندو ۽ رات جو قيام (عبادت) ڪري ته ڄڻ ان سؤ سال جا روزا رکيا ۽ سؤ سال جي شب بيداري ڪئي، اها رجب جي 27 تاريخ آهي.    (شُعَبُ الْاِيمَان ج۳ص۳۷۴حديث ۳۸۱۱ (

عنقريب شعبانُ المعظم جي مهيني جي آمد ٿيڻ واري آهي هن مبارڪ مهيني جي روزن جي به تمام گھڻي فضيلت آهي، جيئن