Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

اَلۡـحَـمۡـدُ   لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ   وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ   الۡـمُـرۡ  سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا  بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ   الـشَّـیۡـطٰنِ   الـرَّجِیۡمِؕ    بِـسۡمِ   الـلّٰـہِ   الـرَّحۡـمٰنِ   الـرَّحِـیۡمِؕ

معراجِ مصطفٰي جون حڪمتون

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

 

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

     جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرودِ پاڪ جي فضيلت

حضرتِ سَيدُنا اُبَيۡ بن ڪعْب رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ عرض ڪيو:’’يا رَسُوْلَ الله   صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! مان دُرُود جي ڪثرت ڪيان ٿو، مان پاڻ ڪريم        صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تي دُرُود پڙھڻ جي لاءِ ڪيترو وقت مُقرَّر ڪيان؟ ''فرمايائون؛ ''جيترو چاهيو ڪيو۔ مون عرض ڪيو؛ ”چوٿائي؟“ فرمايائون، ''جيترو چاهيو ڪيو پر جيڪڏهن وڌيڪ دُرودِ پاڪ پڙھندؤ ته بهتر آهي۔ ''مون عرض ڪيو؛ ”نِصف؟“ فرمايائون؛ ”جيترو چاهيو پڙھو، پر وڌيڪ پڙھندؤ ته بهتر آهي۔“ عرض ڪيو، ”مان سمورو وَقت اوهان تي دُرودِ پاڪ پڙھندو رهندس۔“ فرمايائون، ”پوءِ ته اهو عمل توهان جي پريشانين کي