Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

یہاں سُنَّتیں سیکھنے کو ملیں گی

تُوآبےنمازی،ہے دیتا نمازی

 

 

 

 

 

گر آئے شرابیمِٹے ہر خرابی

اے بیمارِ عصیاں تُوآجا یہاں پر

گناہگارو آؤ سِیہ کارو آؤ

 

دِلائے گا خوفِ خدا مدنی ماحول

خدا کے کرم سےبنامدنی ماحول

چڑھائے گا ایسا نشہ مدنی ماحول

 

 

 

 

گُناہوں کی دیگا دوا مدنی ماحول

گُناہوں کو دیگا چُھڑامدنی ماحول

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص647،648)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

انبياءِ ڪرام بي مثل آهن

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معراج جي واقعي مان جتي ان جون ڪجھ حڪمتون معلوم ٿيون، اتي اهو به مَعلُوم ٿيو ته انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ السَّلَام بي مثل ۽ بي مثال آهن۔ انهن جي شان ۽ عظمت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو جو جڏهن پيارا آقا، محمدِ مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم بُراق تي سوار ٿي بيتُ المقدس جي لاءِ روانا ٿيا ته بُراق جي تيز رفتاري جو هي عالَم هو جو جتي ان جي نگاھ ويندي هئي اتي ان جو پير پوندو هو، هن سفر جي دوران جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني داتا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم حضرتِ سَيدُنا مُوسيٰ عَلَيه السَّلَام جي مزارِ پُراَنوار وٽان گُذريا، جيڪو ريت جي ڳاڙهي ٽَڪري وٽ هو، ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڏٺائون ته حضرت موسيٰ عَلَيه السَّلَام پنهنجي قبر ۾ بيهي نماز پڙھي رهيا آهن۔([1])غور ڪيو ته جيڪڏهن اسان ڪنهن تيز رفتار گاڏي ۾ سُوار هجون ته اسان کي ڪجھ سمجھ نه ايندو، ڪڏهن ڪڏهن ته تيز رفتاري جي سبب راھ ۾ بيٺل واقف چهرا به سڃاڻپ ۾ نه ايندا آهن، حالانڪ اسان جي گاڏي جي رفتار ان بُراق جي مُقابلي ۾ ڪجھ به ناهي، پر نگاھ مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو ڪمال ڏسو ته انتهائي تيز رفتار بُراق تي سوار آهن، ان جي باوُجُود پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ



([1])...صحيح مسلم، كتاب الفضائل، باب من فضائل...الخ، ص٩٢٧، الحديث:٢٣٧٥.