Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

*انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام ٻنهي جهانن جا بادشاھ هوندا آهن ۽ اسان جي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو مقام ۽ مرتبو هي آهي جو پاڻ انهن بادشاهن جا به بادشاھ آهن۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

سرورِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجا ڪجھ مُشاهدا

     مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! معراج جي رات پياري مُصطفي، ڪعبي جي بَدرُالدُّجيٰ، طيبه جي شَمسُ الضُّحيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪائنات جي سير ڪندي، قدرت جي ڪيئي عجائبات جو مُشاهده ڪيو، جنَّت ۾ تشريف کڻي ويا جتي پنهنجي غُلامن جا جنَّتي مَحل ۽ مَقامات مُلاحظه ڪيا، اتي نافرمانن کي عذاب ِ الٰهي ۾ گِرِفتار به ڏٺو، جيڪي پنهنجي گُناهن جي سزا ۾ اِنتهائي دردناڪ عذاب ۾ مبُتلا هئا۔ اچو! عبرت حاصل ڪرڻ جي لاءِ جهنَّم جا ڪجھ مُشاهدات ٻڌون ٿا:

          منقول آهي ته سرڪارِ نامدار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جهنّم ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو نظر آيا جيڪي مُردار کائي رهيا هئا۔ پاڻ
صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پُڇا فرمائي ته اي جبريل! هي ڪير ماڻهو آهن؟ عرض ڪيائين: هي اُهي آهن جيڪي ماڻهن جو گوشت کائيندا (يعني غيبت ڪندا) هئا۔([1]) اهڙي طرح (اهو به ڏٺائون) هڪ ماڻهو نهر ۾ ترندي پٿر ڳڙڪائي رهيو هو، ٻڌايو ويو ته هي وياج خور آهي،([2]) پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهڙن



([1])...مسنداحمد، مسند عبد الله بن العباس...الخ، ۱/۵۵۳، الحديث:۲۳۲۴.

([2])...شعب الايمان، الثامن والثلاثون من شعب الايمان، ٤/٣٩١، الحديث:۵۵۰۹.