Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

زہے عزّت و اِعتلائے مُحَمَّد(ﷺ)

مکاں عرش اُن کا فلک فرش اُن کا

 

خدا کی رِضا چاہتے ہیں دو عالَم

 

 

کہ ہے عرشِ حق زیرِپائے مُحَمَّد(ﷺ)

مَلَک خادمانِ سَرائے مُحَمَّد(ﷺ)

 

(

حدائقِ بخشش،ص65)  خدا چاہتا ہے رضائے مُحَمَّد(ﷺ

شعرن جي سمجھاڻي: (٭) سُبْحٰنَ الله، واه واه ڇا ڳالھ آهي؟ الله تعاليٰ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ڪيترو بلند رُتبو عطا فرمايو آهي جو عرشِ مُعلّيٰ پنهنجي تمام تَر بُلندين جي باوجود حُضورِ پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارڪ پيرن جي هيٺ آهي ۔

 (٭) جنهن جو قيام ڪرڻ عرش تي آهي ۽ رهڻ فرش تي آهي (۽ گذرڻ آسمانن تان) جڏهن ته ملائڪ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي درِ دولت جا نوڪر چاڪر آهن۔

(٭) ٻئي جهانَ خدا عَزَّوَجَلَّ جي مرضي جا طلبگار آهن ۽ خدا عَزَّوَجَلَّ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رِضا چاهي ٿو۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                 صَـلَّـی اللهُ   تَعالٰـی عَلـٰی   مُـحَـمَّد

معراج مصطفي جي هڪ ٻي حڪمت

      مُفسر ِشهير، حڪيمُ الْاُمَّت مُفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه واقِعهءِ معراج جون حڪمتون بيان ڪندي فرمائن ٿا:

اهي سمورا مُعْجِزَا ۽ دَرَجا جيڪي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهُمُ الصَّلٰوة وَالسَّلَام کي عليحده عليحده عطا فرمايا ويا آهن، اهي سمورا بلڪ اُنهن کان وڌيڪ (ڪئي مُعْجِزَا) حُضُورِ پُرنور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي عطا ٿيا۔ هن جا گھڻا ئي مِثال آهن: حضرتِ مُوسيٰ ڪلِيمُ الله (عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام) کي اهو دَرجو مِليو جو اهي جبل طُور تي وڃي رَبّ (عَزَّ وَجَلَّ) سان ڪلام ڪندا هئا، حضرتِ (سَيدُنا) عيسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام چوٿين آسمان تي گھرايا ويا ۽ حضرتِ اِدْرِيس عَلَيۡهِ الصَّلٰوة وَالسَّلَام