Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

الله عَزَّ وَجَلَّ هر شيء تي قادر آهي !

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله تَعَالٰي اڄ جي رات جي هن عَظيم واقعي کي قرآنِ پاڪ ۾ لَفظِ ”سُبْحٰن“ کان شُروع فرمايو آهي، جنهن مان مُراد الله تَعَالٰي جي پاڪائي ۽ ذات ِباري تَعَالٰي جو هر عَيب ۽نُقص کان پاڪ هئڻ آهي۔ هن ۾ حڪمت هي آهي جو جسماني معراج جي ڪري مُنڪرن جي طرفان جيتري قدر اِعتراض ٿي سگھيا ٿي، انهن سڀنين جو جواب ٿي وڃي۔ مثال طور حُضُور نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو جسمِ اَقدس سان گڏ بَيتُ المقدس يا آسمانن تي تشريف وٺي وڃڻ ۽ اتان ”ثُمَّ دَنٰی فَتَدَلّٰی(قربِ خداوندي) جي منزل تائين پهچي ٿوري دير ۾ واپس موٽي اچڻ منڪرين جي ويجھو نامُمڪن ۽ مُحال هو۔ الله تَعَالٰي لَفظِ ”سُبْحٰن“ فرمائي هي ظاهر فرمايو ته هي تمام ڪم منهنجي لاءِ به نامُمڪن ۽ مُحال هجن ته هي منهنجي عاجزي ۽ ڪمزوري ٿيندي ۽ ڪمزوري هڪ عيب آهي ۽ مان هر عيب کان پاڪ آهيان۔  (مقالاتِ ڪاظمي، حصه اول، ص۱۲۳)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُضُور فَخرِ مَوجُودات، سيدِ ڪائنات صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هن عَظِيمُ الشَّان مُعْجِزي تي فضول اِعتراض ڪرڻ ڪا نئين ڳالھ ناهي، بلڪ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارَڪ دَور کان اڄ تائين ڪيئي ناسمجھ ۽ حقيقت کان اڻ واقف ماڻهو هن عظيم مُعْجِزي جو اِنڪار ڪندي آيا آهن، هڪ مُسَلمان جي لاءِ بس اهو ئي ڪافي آهي جو هن واقعي کي عقل جي تَرازؤ ۾ تورڻ بدران الله  عَزَّوَجَلَّ جي طاقت ۽ قُدرت کي پيشِ نظر رکو، ڇوته الله عَزَّوَجَلَّ هرشيءِ تي قادر آهي۔ هن ڳالھ کي وڌيڪ سمجھڻ جي لاءِ حضرتِ سَيدُنا سليمان عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام  جي اُمّتي