Share this link via
Personality Websites!
عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان مُلاقات جي طلب ڪئي پئي وڃي۔ (شرح ڪلامِ رضا ،ص۶۶۵)
صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد
مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّ وَجَلَّ قرآنِ ڪريم ۾ واقِعهءِ معراج جي ڪجھ حصّن کي هنن لفظن سان سيپاري 15سورهءِ بني اِسْرآئيل جي آيت نمبر 1 ۾ ائين بَيان فرمايو آهي :
| سُبْحَانَ الَّذِي أَسْرَى بِعَبْدِهِ لَيْلًا مِنَ الْمَسْجِدِ الْحَرَامِ إِلَى الْمَسْجِدِ الْأَقْصَى الَّذِي بَارَكْنَا حَوْلَهُ لِنُرِيَهُ مِنْ آيَاتِنَا إِنَّهُ هُوَ السَّمِيعُ الْبَصِيرُ |
| تَرْجمو ڪنزالايمان: پاڪائِي آهي اُن کي جيڪو پنهنجي ٻانهي کي راتورات وٺِي ويو، مسجدِ حرام کان مسجدِ اقصى تائين، جنهن جي چوڌارِي اسان برڪت رکِي، جِيئَن اسان اُن کي پنهنجُون وڏيُون نِشانيُون ڏيکاريُون، بيشڪ اُهو ٻُڌندڙ ڏِسندڙ آهي. |
حَضْرتِ صدرُ الْافاضِل مولانا سيد مُفتي محمد نعيمُ الدِّين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خَزائن العرفان ۾ هن آيت سڳوري جي تَحت فرمائن ٿا: ”معراج شريف نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هڪ مُعجِزو ۽ الله تَعَالٰي جي عظيم نعمت آهي ۽ ان سان حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو اهو ڪمالِ قُرب ظاهر ٿئي ٿو جو مخلوقِ الٰهي ۾ پاڻ کان وڌيڪ ڪنهن ٻي کي مُيسَّر ناهي۔ معراج شريف بحالتِ بيداري جسم ۽ رُوح ٻنهي سان ٿيو، اهو ئي جمهور (يعني اڪثر) اَهلِ اِسلام جو عَقيدو آهي ۽ اَصحابِ رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جون ڪثير جماعتون ۽ حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا جَلِيلُ الْقَدر صحابه رَضِي الله تَعَالٰي عَنْهم اجمعين انهيءَ جا مڃڻ وارا آهن۔ (خزائن العرفان ،ص۵۲۵)
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami