Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

پنهنجي قُربِ خاص ۾ رکيو، جڏهن پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لباسِ بشريت سان دُنيا ۾ تشريف فرما ٿيا ته ان مقام جو اِشتياق ٿيو، تنهنڪري دَنيٰ فَتَدَليٰ جي مقام سان سڪون ۽ قرار مليو۔

کیا بنا نامِ خدا اسریٰ کا دُولہا نور کا

 

سر پہ سہرا نور کا برمیں شہانہ نور کا

(حدائق بخشش،ص 244)

معراج مصطفي جي هڪ ٻي حڪمت:

هڪ حڪمت اها به بيان ڪئي وئي آهي ته اذان سکائڻ جي لاءِ معراج ڪرائي وئي، علامه ابنِ حَجَر عسقلاني رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا:"حضرت علي کرَّمَ اللّٰه تَعَالٰي وَجْهه الْکرِيم کان حديث آهي ته الله تعاليٰ پنهنجي رسول صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي جڏهن اذان سيکارڻ جو اِرادو ڪيو ته جبرئيل عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام هڪ سواري کڻي آيا، جنهن کي بُراق چيو ويندو هو، پاڻ ان تي سُوار ٿيا"۔

(فتح الباري،ج۳،ص۶۸)

 

وہی لامکاں کے مکیں ہوئے سرِ عرش تخت نشیں ہوئے

وہ نبی ہے جس کے ہیں یہ مکاں وہ خدا ہے جس کا مکاں نہیں

سرِ عرش پر ہے تِری گزر دلِ فرش پر ہے تِری نظر

ملکوت و ملک میں کوئی شے نہیں وہ جو تجھ پہ عیاں نہیں

(حدائق بخشش،ص ،108،109)

 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”هفتيوار اجتماع ۾ شرڪت“

          مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي گھرجي ته پنهنجي اِيمان جي سلامتي ۽ پُختگي جي لاءِ، نبي ڪريم رؤفٌ رَّحيم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۽ ٻين سڀني نبين سڳورن عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جي هر هر مُعجِزي تي سچي دل سان ايمان رکون ۽ انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام  جي مُعجِزَن کي عقل جي تَرازُو