Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي؛ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

 (مِشْڪاة الْمَصابِيح ،ج۱ ص۵۵ حديث ۱۷۵ دارالڪتب العلمية بيروت )

سينه تري سُنَّت جو مدينه بنے آقا

جنَّت مين پروسي مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سَلام ڪرڻ جون سنتون ۽ آداب!

][ مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي۔  ][ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچڻ وڃڻ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ سنّت آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو الله عَزَّوَجَلَّ جو مُقرّب آهي ][ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي؛ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ (شعب الايمان ج 6 ص 433 حديث 8786) ][ سلام ۾ (اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿين ٿيون. (ڪيمياءِ سعادت) ][ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَة الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون۔  ][ اهڙي طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلامُ وَرَحْمَۃُ الله وَبَرَکاتُہٗ چئي 30 نيڪيون حاصل ڪري سگھجن ٿيون  ][