Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

ڪفايت ڪندو ۽ توهان جي مَغفِرت جو سبب بڻجي ويندو. (المستدرڪ ،ڪتاب التفسير، باب اڪثر واعلي الصلوٰة في يوم الجمعة، رقم ۳۶۳۱، ج۳، ص ۱۹۸)

بیٹھتے، اُٹھتے، جاگتے، سوتے

ہو الٰہی میرا شِعار دُرُود 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

رجب جي دُعا

رَجَب ۾ هي دُعا پڙھڻ سُنّت آهي! جڏهن رَجب جو مهينو ايندو هو ته نبي اڪرم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هي دُعا پڙھندا هئا:

اَللّٰھُمَّ بَارِک لَنَا فِي رَجَبٍ وَّشَعبَانَ وَبَلِّغنَارَمَضَان

 يعني اي الله عَزَّ وَجَلَّ! تو اسان لاءِ رَجب ۽ شعبان ۾ بَرَڪتون عطا فرما ۽ اسان کي رَمَضان تائين پهچا۔ (اَلمُعجَمُ الاَوسَط لِلطّبَراني ج3ص85حديث 3939)

 

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ  ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:

      (2)  جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

    * نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس * ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي