Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

ويا، پر اي منهنجا آقا، مڪي مدني مصطفي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم! اوهان جي عظمت جي ته ڪا حد ئي ناهي، پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سڀني جهتن ۽ قيدن کان وَرَاءُ الوَرا آهن۔

(٭) اي پيارا آقا! حبيبِ خدا (صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) سمورا انبياءِ ڪرام
عَلَيۡهِمُ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام مڪان ۾ آهن ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو شان  ته هي آهي جو پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم لامڪان جي سير به ڪري آيا آهن، سمورا نبي جيڪڏهن جسم آهن ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پاڪيزه جان ۽ پاڪ رُوح جيان آهن۔

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

معراج مصطفي جي هڪ ٻي حڪمت

الله تعاليٰ پنهنجي محبوب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تمام خزانن جو مالڪ بڻايو آهي، الله عَزَّوَجَلَّ سيپاري 30، سُوْرَة الْکوثَر جي آيت نمبر 1 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

إِنَّا أَعْطَيْنَاكَ الْكَوْثَرَ

 

تَرْجَمَهءِ ڪنز الايمان: اي محبوب بيشڪ اسان توهان کي بي شمار خوبيون عطا  فرمايون۔

بُخاري شريف جي حديثِ پاڪ ۾ آهي حضور مالڪِ دين و دُنيا، شبِ اسرٰي جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمائن ٿا:"مان سمهي رهيو هئس ته زمين جي سڀني خزانن جون ڪنجيون آنديون ويون ۽ منهنجي ٻنهي هٿن ۾ رکيون ويون۔ (بخاري، ۲/۳۰۳ ،۲۹۷۷) رَسُوْلُ الله  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اِرشاد