Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

جنَّت ۾ گھرايا ويا ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي معراج ڪرائي وئي، جنهن ۾ الله  عَزَّ وَجَلَّ  سان ڪلام به ٿيو، آسمان جي سير به ٿي، جنَّت ۽ دوزخ جو مُعَائِنو به ٿيو، ملطب ته اهي سمورا رتبا هڪ ئي معراج ۾ طئي ڪرايا ويا۔([1])

طُور پر کوئی، کوئی چرخ پہ یہ عرش سے پار

سارے بالاؤں پہ بالا رہی بالائی دوست

(حدائقِ بخشش،ص63)

شعر جي سمجھاڻي: يعني ڪنهن جي معراج طُور تائين آهي (جيئن حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام)، ڪنهن جي چوٿين آسمان تائين (جيئن حضرت عيسيٰ
عَلَيۡهِ السَّلَام ) ۽ اسان جا آقا،حبيبِ ڪبريا، سَيدُ الْانبيآء  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي معراج جي درجي کي به ڪير پهچي سگھي ٿو، ڇوته سندن جي بُلندي تمام وڏين بُلندين جي بلنديءَ کان به بلند آهي ۔

سارے اُونچوں میں اُونچا سمجھئے جسے
ہے اس اُونچے سے اونچا ہمَارا نبی

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

معراج مصطفي جي هڪ ٻي حڪمت

معراجِ مصطفي جي هڪ حڪمت اها به آهي ته تمام پيغمبرن الله (عَزَّ وَجَلَّ) جي ۽ جنت ۽ دوزخ جي گواهي ڏني ۽ پنهنجي پنهنجي اُمَّتن کان
اَشْهدُ اَنْ لَّا ۤاِلٰه اِلَّا الله پڙھايو، پر انبياءِ ڪرام مان ڪنهن جي گواهي نه ته ڏٺل هئي ۽ نه ئي ٻڌل هئي ۽ گواهي جي انتها ڏسڻ سان ٿيندي آهي، ته



([1])...شانِ حبیب الرحمن، ص۱۰۷، ملتقطاًوملخصاً