Book Name:Meraj e Mustafa ki Hikmatain

شعر جي سمجھاڻي:

(1)      يعني عقل کي چئي ڇڏيو ته ڪهڙن خيالن ۾ گم آهي اهو نظارو تنهنجي سمجھ ۾ نٿو اچي سگھي، لهٰذا سَر جھڪائي ڇڏ ڇوته گُذرڻ وارا گُذري چڪا آهن ۽ تنهنجي هوا کي به پتو پئجي نه سگھيو ۽ تو کي ڪيئن پتو پوي ها، هتي ته ڇھن (6) طرفن کي به هن ڳالھ جي خبر نه هئي ته حُضُور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم معراج جي رات ڪهڙي طرف ويا آهن۔ (شرح ڪلام رضا ،ص۶۶۷)

(2)      ٻيو ڪو ڇا ٻڌائي ته پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شَبِ معراج ڪٿي؟ ڪڏهن؟ ۽ ڪيئن تشريف وٺي ويا؟ هنن سڀني سُوالن جا جواب ڪنهن وٽ نه آهن ڇوته اتي ”ڪڏهن“ ۽ ”ڪٿي“ جو تصور ئي نه هو ۽ نه ئي ”ڪيئن“ ۽ ”ڪيستائين“ جو نشان هو، اتي نه ته ڪو پاڻ جو ساٿي هو ۽ نه ڪو منزل جو نشان هو۔ (شرح ڪلامِ رضا ،ص۶۶۹)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به گھرجي ته اڄ جي رات جي هن عظيم واقعه معراج ۽ نبي پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻين مُعجِزَن کي عقل جي ترازو ۾ تورڻ جي بدران سچي دل سان تسليم ڪيون ۽ پنهنجي ايمان جي حفاظت جي لاءِ اهڙن ماڻهن جي صُحبتِ بَد کان پري رهون جيڪي پياري آقا، محمدِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُعْجِزَات ۽ ڪمالات جو اِنڪار ڪندا آهن ۽ پاڻ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شان ۾ بي اَدَبيون گستاخيون ڪندا آهن۔ منهنجا آقا اعليٰ حضرت،امامِ اهلسنَّت
رَحْمَة اللّٰه ِتَعَالٰي عَلَيه  اِرْشاد فرمائن ٿا:

حَیّ باقی جس کی کرتا ہے ثَنا

 

مَرتے دَم تک اُس کی مِدحَت کیجئے