Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

1.    ڪري ڇڏي، ۽ بخل جھنم ۾ هڪ وڻ آهي ته جيڪو بخيل ٿيو ان وڻ جي ٽاري پڪڙي ورتي، اها ٽاري ان کي نه ڇڏيندي ايتري تائين جو ان کي جهنّم ۾ داخل ڪري ڇڏيندي۔([1])

مُفَسِّرِ شَهير،حڪيم الاُمَّت مفتي اَحمد يار خانرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن آخري حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: يعني سخاوت جي پاڙ جنت ۾ آهي، ان ڪري فرمايو ويو ته ان وڻ جون ٽاريون دنيا ۾ گھڻيون پکڙيل آهن جيئن قرآن ڪريم فرمائي ٿو ته ڪلمه طَيِّبه جي پاڙ مسلمان جي دل ۾ آهي ۽ ٽاريون آسمان ۾ (۽ هي) هميشه پنهنجو ميوو ڏيندو آهي، ان ڪري هن آيت ۾ به اهو مثال بيان فرمايو ويو آهي ۽ حديث ۾ به مثال اهو ئي بيان ڪيو ويو آهي۔ (وڌيڪ فرمائن ٿا) شريعت ۾ سخاوت جو ادنيٰ دَرَجو هي آهي ته انسان فرض صدقو ادا ڪري ۽ طريقت ۾ ادنيٰ دَرَجو هي آهي ته صرف فرض تي قناعت نه ڪري، نفلي صدقو به ڏئي، حقيقت ۽ مَعرفت وارن وٽ ان جو ادنيٰ دَرَجو هي آهي ته پنهنجي ضرورتن تي ٻين جي ضرورتن کي ترجيح ڏئي ۔([2])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ياد رکو! جھڙي طرح راھ خُدا ۾ خَرچ ڪرڻ، اِنسان جي پنهنجي ذات جي لاءِ مُفيد آهي، اهڙي طرح بُـخل ڪرڻ به ان جي پنهنجي ذات جي لاءِ نقصان جو سبب آهي۔ نيڪي وارن ڪمن جي لاءِ الله عَزَّوَجَلَّ پنهنجي سخي ٻانهن کي چونڊي وٺندو آهي، جيڪي دل کولي راھ خدا ۾ خرچ ڪندا آهن ۽ تمام گھڻو صدقو ۽ خيرات ڪري ۽ ضرورت مند ماڻهن تي سخاوت جو درياء وهائيندا آهن، پر ان باوجود انهن جي ڪاروبار ۽ مال ۾ حيرت انگيز



[1]شعب الایمان ، باب فی الجودو السخاء ،۷/ ۴۳۵، حدیث :۱۰۸۷۷

[2]مرآۃ المناجیح، ۳/۹۱بتغیر قلیل