Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

غريبن ۾ ورهائي ڇڏي۔ * هڪ ڀيري سندن کان ڪنهن مائٽ سوال ڪيو ته هڪدم (پاڻ وٽ موجود) ٽي سو (300) درهم يا دِينار ان کي عطا ڪري ڇڏيا  * پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ هر سال اُمُّ المُومنين حضرت سَيدَتُنا عائشه صدِّيقهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْها   جي بارگاھ ۾ ڏھ هزار(10،000) درهم موڪليندا هئا۔

                                       (فیض القدیر،حرف الطاء، تحت الحدیث:۵۲۷۴، ۴/۳۵۷)

بنا گُھرڻ جي عطا ڪندا هئا

حضرت سيدُنا قَبِيصَه بن جَابِر رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا ته مون حضرت سَيدُنا طلحه بن عُبَيدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان وڌيڪ ڪنهن کي نه ڏٺو جو بنا گُھرڻ جي ماڻهن ۾ وڌيڪ مال ورهائيندو هجي۔   (معجم کبیر، من فضائلہ، ۱/۱۱۱،حدیث:۱۹۴)

ٽي لک درهم عطا ڪيا

هڪ اَعرابي حضرت سَيدُنا طلحه رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي پنهنجي رشتيداريءَ جي نالي تي ڪجھ گھريو ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايائون: مون کان رشتيداري جو واسطو ڏئي اڄ تائين ڪنهن به ڪجھ نه گھريو آهي، منهنجي هڪ زمين آهي، اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا عُثمانِ غنيرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ان جا ٽي لک (300,000) درهم لڳايا آهن، جيڪڏهن چاهيو ته ان تي قبضو ڪري وٺو ۽ جيڪڏهن چاهيو ته مان انکي اَمِيرُالمومنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  کي وڪڻي ان جي رقم اوهان کي ڏئي ڇڏيان، ان چيو ته مون کي رقم گھرجي ٿي، ته پوء پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ اها زمين اَمِيرُالمؤمنين حضرت سيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ  کي وڪڻي ڇڏي ۽ اُن شخص کي روڪ رقم ڏئي ڇڏي۔

                                                                 (احیاء العلوم،۳/۷۵۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ائين ته مالڪِ جنّت، قاسمِ نعمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم پنهنجي گھڻن صحابين سڳورن رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهم اَجْمَعِين کي مختلف موقعن تي جنّت جون خوشخبريون عطا فرمايون ۽ دنيا ۾ ئي انهن جي جنّتي هئڻ جو اِعلان