Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

دَارُالْاَسْخِيآء  يعني جنّت سخين جو گھر آهي۔([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

سخاوت جو وصف ڪيئن حاصل ٿئي؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان به احاديثِ مُبارَڪه ۾ بيان ڪيل سخاوت جا فضائل حاصل ڪرڻ چاهيون ٿا ته اسان کي نه صرف عملي طور تي سخاوت اِختِيار ڪرڻي پوندي، بلڪ ان لاءِ وڌ کان وڌ ڪوشش ڪرڻي پوندي۔ ياد رکو! شروع ۾ سخاوت اِختِيار ڪرڻ مشڪل ضرور ٿيندو، پر جيڪڏهن ڪن تدبيرن تي عمل ڪيو وڃي ته آهستي آهستي دل سخاوت ڏانهن مائل ٿي ويندي ۽ بخل جي آفتن کان به ڇوٽڪارو نصيب ٿيندو۔ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ

اچو سخاوت جو وصف حاصل ڪرڻ جي لاءِ ترغيب طور ڪي تدبيرون ٻڌون ٿا: (1) وقتاً فوقتاً بارگاھ الٰهي ۾ هن وصف جي لاءِ دعا ڪيو ڇو ته دُعا جي برڪت سان وڏا وڏاڪم بڻجي ويندا آهن ۽ حديثِ شريف ۾ فرمايو ويو آهي: اَلدُّعَآءُ سِلَاحُ الْمُؤمِنِ يعني دُعا مومن جو هٿيار آهي۔([2]) (2)سخاوت جي فضيلت بابت آيتن، حديثن، روايتن ۽ واقعن کي هر هر پڙهو يا ٻڌو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيو ۔(3) بُخْل جي مَذَمّت بابت آيتن، حديثن، روايتن ۽ واقعن ۾غور و فڪر ڪيو ۽ ان کان بچڻ جي ڪوشش ڪندا رهو (4)سخاوت جي صلي ۾ ملڻ واري عظيمُ الشَّان ثواب ۽ رِضاءِ الٰهي ۽ بعض صُورتن (مَثَلاً زڪوٰۃ ۽ صدقاتِ واجبه جي ادائيگي) ۾ بُخل جي ڪري ملڻ واري دردناڪ عذاب ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جي ناراضگي کي اکين آڏو رکو. (5) پنهنجي مَوت کي ڪثرت سان ياد ڪيو ته منهنجي مرڻ کان پوءِ



[1]فردوس الاخبار،باب الجیم،ذکر الفصول من ادوات …الخ،۱/ ۳۳۳،حدیث :۲۴۳۰

[2]مستدرک، کتاب الدعاء ،باب الدعا ء سلاح المومن،۲/۱۶۲،حديث:۱۸۵۵