Share this link via
Personality Websites!
محشر ۾ نجات، پُل صِراط کان خيريت سان گُذرڻ، جنّت ۾ داخلو، اتي جو مقام سڀ ڪجھ ٻڌايو ويو۔ (مرآۃ المناجیح،۸/۴۴۰)
اچو! هاڻي بُخل، سخاوت، سخي ۽ بَخِيل جي وصف به ٻڌون ٿا:
بُخل جي لغوي معنٰي ڪنجوسي آهي ۽ جتي خرچ ڪرڻ، شرعاً، عادتاً يا مروّتاً لازم هجي، اتي خرچ نه ڪرڻ کي بُخل (يعني ڪنجوسي) چيو ويندو آهي۔ يا جنهن هنڌ مال ۽ اسباب خرچ ڪرڻ ضروري هجي، اتي خرچ نه ڪرڻ، اهو به بخل آهي۔ (الحديقۃ النديۃ، ج۲، ص۲۷، مفردات الفاظ القران۱۰۹)
حُجَّۃُ الْاِسْلام حضرت سَيدُنا امام محمد بن محمد غزاليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اِحياء ُالعلوم ۾ جُود ۽ سخاوت جي وصف هنن لفظن سان ڪئي آهي: فضول خرچي ۽ ڪنجوسي، ڪشادگي ۽ تنگيءَ جي وچولي راھ جو نالو جُود ۽ سخا آهي۔
(احیاء العلوم،۳/۷۸۰)
مُفَسِّرِ شَهير،حڪيمُ الاُمَّت مُفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته عَرَب جي چوڻين ۾ عام طور سخي ان کي چون ٿا ته جيڪو پاڻ به کائي، ۽ ٻين کي به کارائي، جوّاد اهو جيڪو پاڻ نه کائي، ٻين کي کارائي، ان ڪري الله تعالٰي کي سخي ناهي چئبو (جَوَاد چيو ويندو)۔ سخي جي مُقابِل ۾ بَخِيل آهي جيڪو پاڻ کائي ۽ ٻين کي نه کارائي ۔جَواد جي مُقابِل مُمْسِڪ (مال جمع ڪرڻ وارو) آهي جيڪو نه پاڻ کائي نه کائڻ ڏئي۔ الله تعاليٰ جون تمام دُنيوي اُخرَوي نعمتون دُنيا جي لاءِ آهن، ان (جي پنهنجي ذات) جي لاءِ نه آهن ۔ [1]…(مرآۃ المناجیح،۱/۲۲۱ )
ياد رکو! حُقُوقِ واجبه (زڪٰوة وغيره) اَدا ڪرڻ ۾ بُخل ڪندي مال گڏ ڪندو رهڻ جو درد ناڪ عذاب آهي۔ الله تعاليٰ سيپاري 10 سُوْرَۃُ التَّوْبَه آيت
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami