Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

بدران بُخْل ڪري ٿو ته ان کي قلبي سُڪون ۽ اطمينان نصيب ناهي ٿيندو، اهڙو شخص رشتيدارن سان حُسنِ سُلوڪ ناهي ڪندو، نيڪيء جي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ کي فضول خرچي تَصَوُّر ڪندو آهي، بالفرض جيڪڏهن ڪنهن نيڪ ڪم ۾ حصو ملايو به ته حالت اها هوندي آهي جو چند سِڪا اهي به جيڪي کيسي تي ڀاري هئا يا وري کيسي ۾ موجود سڀ کان ننڍو نوٽ ۽ پراڻو نوٽ جيڪو مختلف هنڌن تان ڦاٽل يا ڳريل هوندو آهي اهو ڏئي وڌيڪ ثواب جو اعلان ٿيڻ جي اميد رکندو آهي، بَخِيل شخص مال جمع ڪرڻ کي پنهنجو ڪمال تَصَوُّر ڪندو آهي، حقدارن کي محروم رکي انهن جون ناراضگيون برداشت ڪندو آهي، انهن جي دعائن کان پاڻ کي محروم ڪندو آهي، ماڻهن کي پاڻ جي باري ۾ تهمتن بدگمانين ۽ غيبتن ۾ مبتلا ڪندو آهي ۽ انهي بخل جي ڪري زڪوٰة ۽ فطرو وغيره، صدقاتِ واجبه جي ادائيگي ۾ ڪوتاهي ڪري الله  عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ناراض ڪندو آهي ۽ پاڻ کي جھنم جو حقدار بڻائيندو آهي، اچو! بُخْل جي تباه ڪارين تي مُشتَمِل 3 ارشاداتِ مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌون ٿا:

1.       اِنَّ اللّٰهتَعَالٰي يـبْغَضُ الْبَخِيلَ فِي حَياتِه السَّخِي عِنْدَمَوْتِهٖ يعني الله  عَزَّوَجَلَّ ان شخص کي ناپسند ڪندو آهي، جيڪو سڄي زندگي بُخل ڪري ۽ مرڻ مهل سخاوت ڪري۔([1])

2.    مَا مَحَقَ الْاِسْلَامُ شَيأً مَحْقَ الشُّحِّ يعني اِسلام ڪنهن شيء کي ايترو ناهي مٽايو جيترو بخل کي مٽايو آهي. ([2])

سخاوت جنّت ۾ هڪ وڻ آهي ته جيڪو سخي ٿيو ته ان وڻ جي ٽاري پڪڙي ورتي، اها ٽاري ان کي نه ڇڏيندي ايتري تائين جو ان کي جنت ۾ داخل



[1]کنز العمال،کتاب الاخلاق،الباب الثانی، الفصل الثانی،حرف الباء:البخل،الجزء۳،۲/ ۱۸۰،حدیث :۷۳۷۳

[2]معجم اوسط،من اسمہ ابراہیم،۲/۱۵۱،حدیث:۲۸۴۳