Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

نِيّت صاف منزل آسان

عاشِقانِ رسول جو هڪ مَدَني قافلو ڪَپَڙوَنج (گُجرات، هِند) پهتو، ”عَلاقائي دَؤره براءِ نيڪي جي دعوت “ جي دَوران هڪ شرابي سان مُلاقات ٿي، عاشِقانِ رسول ان تي خُوب اِنفرادي ڪوشِش ڪئي، جڏهن ان سبز سبز عمامي وارن جي شفقت ۽ محبت ڏٺي ته هٿو هٿ انهن سان گڏ هلڻ لڳو، عاشِقانِ رسول جي صحبت جي بَرَڪت سان گُناهن کان توبه ڪئي، ڏاڙهي مُبارَڪ وڌائي، سبز عمامي جو تاج به مٿي تي سجائي ورتو، مدني لباس پائڻ جو ذهن به بڻجي ويو، ڇھ ڏينهن تائين مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت حاصل ڪري سگھيو، وڌيڪ 92 ڏينهن جي لاءِ مَدَني قافلي ۾ سفر جي نيت ڪئي پر زادِ قافله يعني سفر جا اَخراجات نه هئا۔ هڪ ڏينهن هڪ رشتيدار سان ملاقات ٿي، ان جڏهن مُعاشَري جي بَدنام ۽ شرابي کي ڏاڙهي، سبز سبز عمامي ۽ مَدَني لباس ۾ ڏٺو ته ڏسندو ئي رهجي ويو، جڏهن ان کي ٻڌايو ويو ته هي سڀ مَدَني قافلي ۾ سفر جي بَرَڪت آهي ۽ اِنْ شَآءَ اللهعَزَّوَجَلَّ اَسباب ٿيڻ جي صُورت ۾ وڌيڪ 92 ڏينهن جي سفر جو پڪو ارادو آهي ته ان رشتيدار چيو ته، پيسن جي فِڪر نه ڪيو، 92 ڏينهن جي مَدَني قافلي ۾ سفر جو خرچ مون کان قبول ڪري وٺو ۽ گڏوگڏ 92 ڏينهن جي سندن جي گھر جو خرچ به مان پنهنجي ذمي وٺان ٿو، اهڙي طرح اهو ديوانو 92 ڏينهن جي لاءِ مَدَني قافلي جو مُسافر بڻجي ويو۔

یا خُدا! نکلوں میں مدنی قافلوں کے ساتھ کاش!

 

سُنّتوں کی تَرْبِیَت کے واسطے پھر جلد تَر!

خُوب خِدمت سُنّتوں کی ہم سَدا کرتے رہیں

 

مدنی ماحول اے خُدا ہم سے نہ چُھوٹے عُمر بھر

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

بزرگانِ دين ڪيئن هئا؟

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! حُجَّة الْاِسْلَامحضرت سَيدُنا امام محمد بن محمد بن محمد غزاليرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: مان توهان کي ٻڌايان ٿو توهان ڇا آهيو؟ ۽