Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

ڪتاب ”ضيائے صدقات“ جو تعارُف

صَدَقي جي حوالي سان وڌيڪ معلومات حاصِل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اِشاعتي اِداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 415 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”ضيائے صدقات“ جو مطالعو نهايت مُفيد آهي۔ اهو ڪتاب 19 بابن تي مشتمل آهي ۽ هر باب۾ صَدَقي جي باري ۾ مختلف مَوضُوعن تي بهترين وضاحت ڪئي وئي آهي، مثال طور صدقي جي معنيٰ، قِسم، فرض زڪوٰة ڪنهن کي ڏني وڃي، صلهءِ رحمي (يعني رِشتدارن سان حُسنِ سُلوڪ) جون فضيلتون، مال جمع ڪرڻ ڪيئن؟ بخل جي مَذَمَّت وغيره،   اِنْ شَآءَاللهعَزَّوَجَلَّ هن مُطالعو ڪرڻ واري کي معلومات جو تمام گھڻو خرانو حاصل ٿيندو. تنهنڪري هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪريو، پاڻ به هن جو مطالعو ڪيو ٻين اسلامي ڀائرن کي به ترغيب ڏيو، دعوت اسلامي جي ويب www.dawateislami.net تان هن ڪتاب کي پڙهي سگھجي ٿو، ڊائون لوڊ (Download) ۽ پرنٽ (Print Out) به ڪري سگھجي ٿو.

بيان جوخُلاصو:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان ۾ اسان حضرت سَيدُنا طلحه بن عُبَيدُ الله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي عظِيمُ الشَّان سخاوت جي باري ۾ ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔ الله تبارڪ و تعاليٰ پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي گھڻي مال ۽ ودلت سان گڏ سخاوت، توڪّل، اُخُوَّت ۽ ڀائيچاري ۽ صِلَه رِحمي جھڙين نعمتن سان نوازيو هو۔ سندن سخاوت جو هي عالَم هو جو هزارين نه بلڪ لکين درهم غريبن ۾ ورهائيندا ۽ راھ خدا ۾ خيرت ڪري ڇڏيندا هئا، پر مٿي تي