Share this link via
Personality Websites!
کان بي رغبت ٿيڻ ضروري آهي ۽ دُنيا کان بي رغبتي اِختِيار ڪرڻ جو طريقو بيان ڪندي شيخ ابو طالب محمد بن علي مڪي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته دُنيا کان بي رغبت ٿيڻ جي لاءِ سڀ کان پهريان سخاوت کي اپنائڻو پوندو آهي، ڇو ته جيڪو سخي نه هجي اهو دنيا کان بي رغبت نٿو ٿي سگھي ۽ جيڪو دنيا کان پاسو نه ڪري اهو الله عَزَّوَجَلَّ جو محبوب به نٿو ٿي سگھي. (قوت القلوب، الفصل التاسع والعشرون، ۱/۱۹۵) شايد اهو ئي سبب آهي جو اسان جا اڪابر ۽ بزرگانِ دين بُخْل کان بچڻ ۽ سخاوت ڪرڻ جو ذهن ڏيندا هئا جيئن ته
اَمِيرُالمُؤمنين حضرت سيدُنا عَلِي المُرتضٰي كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم فرمائن ٿا: جيڪڏهن اوهان وٽ دنيا جي دولت اچي، ته ان مان ڪجھ خرچ ڪيو، ڇوته خرچ ڪرڻ سان اها ختم ناهي ٿيندي ۽ جيڪڏهن دنيا جي دولت اوهان کان منهن ڦيري ڪري وڃڻ لڳي ته به ان مان خرچ ڪيو ڇوته ان کي باقي به ناهي رهڻو۔ (احیاء العلوم،۳/۷۳۸)
حضرت سيدُناحُذَيفهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمائن ٿا: دِين جا گُناھ گار ۽ زندگي ۾ لاچار و بدحال ڪيئي ماڻهو رڳو پنهنجي سخاوت جي ڪري جنت ۾ داخل ٿي ويندا۔ (احیاء العلوم،۳/۷۴۰)
اَمِيرُالمؤمنين حضرت سيدُنا علي المرتضيٰ كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم پنهنجي خُطبي ۾ ارشاد فرمايو: عنقريب ماڻهن تي اهڙو سخت زمانو ايندو جو جنهن ۾ مالدار ماڻهو پنهنجو مال مضبوطي سان پڪڙي رکندا جڏهن ته ان ڳالھ جو حڪم ناهي ڏنو ويو، الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو: (پ۲،البقرة:۲۳۷)
| وَلَا تَنْسَوُا الْفَضْلَ بَيْنَكُمْ | ترجمو ڪنز الايمان: ۽ پاڻ ۾ هڪ ٻئي تي اِحسان ڪرڻ نه وِساريو. (احیاء العلوم،۳/۷۶۷)
|
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami