Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

طور تي ترقّي و برڪت ئي ٿيندي رهندي آهي، جڏهن ته ڪنجوس جو حال هي هوندو آهي جو گھڻو مال ۽ دولت هئڻ جي باوجود ان کي پنهنجو مال گھٽ ئي لڳندو آهي، جنهن جي ڪري اهو صَدَقاتِ واجِبه و نافِله جي اَدائيگي ڪرڻ، نيڪي جي ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ ۽ مخلوق خدا جي مدد ڪرڻ سان سڄي زندگي ڪيٻائيندو رهندو آهي ته ڪٿي ائين نه ٿئي جو منهنجي مال ۾ گھٽتائي ٿي وڃي، آخرڪار هڪ ڏينهن موت جو فرشتو ان وٽ ايندو آهي ۽ موت کان پوءِ ان جو سمورو مال ان جي وارثن کي ملي ويندو آهي، اچو هن باري ۾ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 410 صَفحن تي مُشْتَمِل ڪتاب ”عُيونُ الحکايات“ (حِصّه اوّل) جي صَفحي 74 تان ڪَنجُوسي جي اَنجام جي باري ۾ هڪ عِبرتناڪ حِڪايت ٻڌون ٿا:

ڪَنجُوسي جو اَنجام

 حضرت سَيدُنا يزيد بن مَيسَره رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: اسان کان پهريان وارين اُمّتن مان هڪ شخص هو، جنهن گھڻي مال ملڪيت گڏ ڪئي هئي ۽ ان کي اولاد به گھڻو هو، طرح طرح جون نعمتون ان کي مليل هيون، گھڻو مال هئڻ باوُجُود هو گھڻو ڪَنجُوس هو۔ الله عَزَّوَجَلَّ جي راھ ۾ ڪجھ خرچ نه ڪندو هو، هر وقت انهيء ڪوشش ۾ رهندو هو ته ڪنهن نموني منهنجي دولت ۾ اضافو ٿي وڃي، جڏهن ان گھڻو مال جمع ڪري ورتو ته پنهنجو پاڻ کي چوڻ لڳو: هاڻي ته مان عَيش و عِشرَت جي زندگي گذاريندس، پوءِ اهو پنهنجي اهل و عِيال سان خُوب عَيش و عِشرَت سان رهڻ لڳو۔

  تمام گھڻا نوڪر چاڪر هر وقت هٿ ٻڌي ان جي حڪم جي انتظار ۾ رهندا هئا، مطلب ته! اهو انهن دنياوي آسائشن ۾ اهڙو مگن ٿيو جو ان