Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

ترجمو ڪنزالايمان: پنهنجي ربّ جي واٽ جي طرف سڏ پڪي سمجهه ۽ چڱي نصيحت سان“ ۽ بخاري شريف (حديث:4361) جي هن فرمانِ مصطفيٰ  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: بَلِّغُوۡا عَنِّيۡ وَلَوۡ آيَة يعني ”منهنجي طرفان پهچايو جيتوڻيڪ هڪ ئي آيت هجي“ ۾ ڏنل احڪام جي پيروي ڪندس * نيڪي جو حڪم ڏيندس ۽ بُرائي کان منع ڪندس * شعر پڙهڻ، عربي، انگريزي ۽ ڏکيا لفظ ڳالهائڻ دؤران دل جي اخلاص تي توجُّھ رکندس يعني پنهنجي علميت جو ڌاڪو ويهارڻ مقصود ٿيو ته ڳالهائڻ کان بچندس * مَدَني قافلي، مَدَني انعامات ۽ علاقائي دوره براءِ نيڪي جي دعوت وغيره جي رغبت ڏياريندس * ٽهڪ ڏيڻ ۽ ڏيارڻ کان بچندس * نظر جي حفاظت بڻائڻ جي خاطر حتي الامڪان نگاهون جهڪائي رکندس ۔

سَيدُنا طلحه بن عُبَيدُالله جي سخاوت

حضرت سَيدُنا امام شَمْسُ الدِّين محمّد بِن اَحمَد ذَهبِي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته هڪ ڀيري حضرت سيدُنا طلحه بن عُبَيدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ وٽ رات جو حَضر مَوت مان ست (7) لک درهم آيا، ته بي چين ٿي ويا، سندن گھرواريءَ (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا) عرض ڪيو: جناب عالي! اوهان کي ڇا ٿيو آهي؟ فرمايائون: مان ڳڻتيءَ ۾ آهيان ته جنهن ٻانهي جون راتيون، الله عَزَّوَجَلَّ جي بارگاھ ۾ عبادت ڪندي گذرنديون هجن، گھر ۾ ايتري مال موجود هئڻ سبب اڄ ان (رَبّ عَزَّوَجَلَّ) جي بارگاھ ۾ ڪيئن حاضر ٿيندو؟ ته سندن گھرواريء عرض ڪيو: هن ۾ پريشاني جي ڪهڙي ڳالھ آهي؟ اوهان پنهنجي (غريب) دوستن کي ڇو وساري رهيا آهيو؟ صبح ٿيندي ئي انهن کي سڏي سمورو مال انهن ۾ ورهائي ڇڏجو، پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ فرمايائون ته الله عَزَّوَجَلَّ اوهان تي رحم ڪري! اوهان ته نيڪ پيءُ جي نيڪ نياڻي آهيو.