Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڄاڻي وٺو ته اها نيڪ پيءُ جي نيڪ نياڻي ڪنهن ٻي جي نه بلڪ اميرالمؤمنين حضرت سيِّدُنا ابُوبَڪرصِدِيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي شهزادي ۽ اکين جي ٿڌاڻ يعني حضرت سيدَتُنا اُمِّ ڪلثومرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهَا هيون۔

 پوءِ صبح ٿيندي ئي حضرت سَيدُنا طلحه بن عُبَيدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ مُهاجر ۽ اَنصار صحابه ڪرام  عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَان  ۾ مال ورهائڻ شروع ڪيو ۽ ان مان ڪجھ حصو اَمِيرُالمؤمنين حضرت سَيدُنا علي المُرتضيٰ شيرِ خُدا كَرَّمَ اللّٰهُ تَعَالٰی وَجۡهَهُ الۡكَرِيۡم جي بارگاھ ۾ به موڪليو، ورهائڻ دوران سندن گھرواريء پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کي عرض ڪيو ته اي ابو محمد! ڇا هن مال ۾ اسان جو به حصو آهي، ارشاد فرمايائون: اوهان ڪٿي رهجي ويون هيون، ها جيڪو باقي بچيو آهي اهو اوهان کڻي وٺو، فرمائن ٿيون ته مون ان جو حساب لڳايو ته ست لک مان صرف هڪ هزار(1000) درهم باقي رهجي ويا هئا ۔ ([1])

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! سُبْحٰنَ الله عَزَّوَجَلَّ ! ڏٺو اوهان ته اسان جي پياري آقا، محمدِ عربي، مڪي مدني صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمجا پيارا صحابي حضرت سَيدُنا طلحه بن عُبَيدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ ۾سخاوت ۽ ايثار جو جذبو ڪيترو ڀريل هو، عام طور انساني فطرت ۾ اها ڳالھ شامل هوندي آهي جڏهن ان کي ڪٿان کان گھڻو مال ۽ دولت هٿ ايندو آهي ته اهو خوش ٿي ويندو، نوان نوان منصوبا ترتيب ڏيندو، ان مال کي جائز ۽ ناجائز ڪمن ۾ خرچ ڪندو آهي، نيڪ ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ جي دل ناهي چوندي، وڌيڪ مال حاصل ڪرڻ جي حِرص ۽ لالچ ۾ اهو هر جائز ۽ ناجائز ذريعو اپنائيندو آهي ۽ ڊگھيون اميدون ڪري يادِ الٰهي کان غافل ٿي ويندو آَهي پر قربان وڃو! حضرت سَيدُنا طلحه بن عُبَيـْدُ الله  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي مدني سوچ تي، جو گھڻي مال ۽ دولت جي باوجود به اوهان تي



[1]سیراعلام النبلاء،طلحۃ بن عبید اللہ …الخ،۳/۱۹، رقم: ۷ملخصاً