Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

کان غافِل رکيو، تو ئي مون کي آخرت جي تياري کان روڪي رکيو هو۔

اهو ٻڌي مال ان کي چوڻ لڳو: تون مون کي ملامت نه ڪر، ڇا تون اهو ئي نه آهين جو دُنيادارن جي نظرن ۾ حقير هئين؟ مون تنهنجي عزّت وڌائي۔ منهنجي ئي ڪري بادشاهن جي درٻار ۾ تنهنجي رسائي ٿي، نه ته غريب ۽ نيڪ ماڻهو ته اتي پهچي نٿا سگھن، منهنجي ڪري ئي تنهنجو نڪاح شهزادين ۽ امير زادين سان ٿيو، نه ته غريب ماڻهو انهن سان ڪيئن شادي ڪري سگھن ها، هاڻي اها تنهنجي بدنصيبي آهي جو تو مون کي شيطاني ڪمن ۾ خرچ ڪيو، جيڪڏهن تون مون کي الله عَزَّوَجَلَّ جي ڪمن ۾ خرچ ڪرين ها ته اها ذِلّت و رُسوائي تنهنجو مُقَدَّر نه ٿي ها۔ ڇا مون تو کي چيو هو ته مون کي نيڪ ڪمن ۾ خرچ نه ڪر؟ اڄ جي ڏينهن مان نه، بلڪ تون وڌيڪ ملامت ۽ لعنت جو مستحق آهين ۔

اَجل  نے  نہ کسریٰ  ہی چھوڑا نہ دارا

 

                 اِسی  سے  سکندر سا  فاتح  بھی ہارا

ہر اک لے کے کیا کیا نہ حسرت سدھارا                     

 

پڑا  رہ  گیا سب  یونہی  ٹھاٹھ سارا

جگہ   جی  لگانے  کی  دُنیا  نہیں  ہے

 

                  یہ عبرت کی جا ہے تماشا  نہیں  ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

محبت جي ڪنجي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! يقيناً هر مسلمان جي دل ۾ ڪنهن نه ڪنهن حد تائين اها خواهش ضرور هوندي اهي ته مان الله عَزَّوَجَلَّ جو پسنديده ۽ محبوب ٻانهو بڻجي وڃان، حالانڪ الله عَزَّوَجَلَّ جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ لازم آهي ته ٻانهو دنيا کان بي رغبت ٿي وڃي، جيئن ته نبي رحمت،شفيعِ اُمّت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ عاليشان آهي:جڏهن توهان الله عَزَّوَجَلَّ جو محبوب بنجڻ چاهيو ته دُنيا کان بي رغبت ٿي وڃو۔ [1](قوت القلوب، الفصل التاسع والعشرون، ج۱، ص۱۹۵)

 هن حديثِ شريف مان معلوم ٿيو ته الله عَزَّوَجَلَّ جو محبوب بڻجڻ جي لاءِ دُنيا