Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

ذرّي برابر غفلت طاري نه ٿي، بلڪ ان بدران خوفِ خُدا ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو، هڪدم اها مدني سوچ رکڻ واري پنهنجي زوجَهءِ مُحتَرِمهرَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُا جي مشوري سان خُدا عَزَّوَجَلَّ جي ذات تي تَوَکُّل ڪندي، اهي دَرهم (يعني چاندي جا سِڪّا) پنهنجي مُسْتَحق دوستن ۾ورهائي ڪري سخاوت ۽ ڀائيچاري جو حيرت انگيز مِثال قائم ڪيو ۔

میں سب دولت رہِ حق میں لُٹا دوں

                                                     شہا  ایسا    مجھے   جذ  بہ    عطا    ہو    (وسائلِ بخشش ص 316)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جُمادي الاُخريٰ جو مهينو هلي پيو، انهيءَ مهيني ۾ صحابي رسول حضرت سَيدُنا طلحه بن عُبَـيدُ الله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو وِصالِ پُر ملال ٿيو، اچو! هن مُناسبت سان اڄ حضرت سيدُنا طلحه بن عُبَـيدُ الله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو مختصر تعارف ۽ سندن سيرت جي هڪ پهلو ”سخاوت“ جي باري ۾ ڪجھ ٻڌون ٿاـ

سَيدُنا طلحه بن عُبَيدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو ۽ نسب

حضرت سَيدُنا علّامه بدرُالدّين عَينيرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا ته پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو نالو طلحه بن عُبَيدُالله بن عُثمان قُرَشي تَيمي آهي ۽ اَمِيرُ المومنين حضرت سيدُنا ابُو بڪر صدِّيق رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جيان پاڻ رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نَسَب جو سلسلو به ستين پُشت ۾ (ڪعب بن مُرَّه تي) محبوب رَبِّ داوَر، شفيعِ روزِ مَحشر صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مُبارَڪ نَسَب سان ملي ويندو آهي۔([1])

مُبارَڪ حُليو

حضرت سَيدُنا امام محمد بن عبدُالله حاڪم نيشا پوري رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه حضرت



[1]شرح سنن ابی داؤد للعینی، کتاب الصلوۃ، باب ما یستر المصلی، ۳/۲۴۲، تحت الحدیث:۶۶۶