Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

اَلۡـحَـمۡـدُ   لِـلّٰـہِ  رَبِّ  الۡـعٰـلَـمِیۡنَ   وَ  الـصَّـلٰـوۃُ   وَ  الـسَّـلَامُ  عَـلٰی   سَـیِّـدِ   الۡـمُـرۡ  سَـلِـیۡنَ

اَمَّـا  بَــعۡـدُ   فَـاَعُـوۡذُ   بِـا لـلّٰـہِ   مِـنَ   الـشَّـیۡـطٰنِ   الـرَّجِیۡمِؕ    بِـسۡمِ   الـلّٰـہِ   الـرَّحۡـمٰنِ   الـرَّحِـیۡمِؕ

حضرت سیِّدُنا طلحہ بن عُبیدُاللہ جي سخاوت

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه

 

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه

اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه

وَعَلٰى اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه

نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ

(مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)

     جڏهن به مسجد ۾ داخل ٿيو، ياد اچڻ تي نفلي اعتڪاف جي نيّت ڪري وٺندا ڪريو، جيستائين مسجد ۾ رهندؤ نفلي اعتڪاف جو ثواب حاصل ٿيندو رهندو ۽ ضمنًا مسجد ۾ کائڻ پيئڻ به جائز ٿي ويندو۔

دُرودِ پاڪ جي فضيلت

سُلطانِ جهان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جيڪو مون تي جُمُعي جي ڏينهن ۽ رات ۾ سؤ (100) ڀيرا دُرودِ پاڪ پڙهندو، الله عَزَّوَجَلَّ ان جون سؤ (100) حاجتون پوريون ڪندو، ستَّر (70) آخرت جون ۽ ٽيھ (30) دُنيا جون ۽ الله  عَزَّوَجَلَّ هڪ ملائڪ مُقَرَّر ڪندو، جيڪو ان دُرودِ شريف کي منهنجي قبر ۾ ائين پهچائيندو، جيئن اوهان کي تحفا پيش ڪيا ويندا آهن، بيشڪ منهنجو علم منهنجي وِصال کان پوءِ به اهڙو ئي هوندو جهڙو منهنجي حياتي ۾ آهي. ) جمع الجوامع،تتمۃحرف المیم ،۷/۱۹۹،حدیث:۲۲۳۵۵ (

اُن پر دُرود جن کو کَسِ بے کَساں کہیں

اُن پر سلام جن کو خَبَر بے خَبَر کی ہے

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد