Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

نمبر 34 ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

وَالَّذِينَ يَكْنِزُونَ الذَّهَبَ وَالْفِضَّةَ وَلَا يُنْفِقُونَهَا فِي سَبِيلِ اللَّهِ فَبَشِّرْهُمْ بِعَذَابٍ أَلِيمٍ                                (پ۱۰،التوبه:۳۴)

تَرجمو ڪنز الايمان: ۽ جيڪِي گڏ ڪري رکن ٿا سَون ۽ چاندِي ۽ اُن کي الله جِي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪن، اُنهن کي خوشخبري ٻڌاءِ دردناڪ عذاب جي.

    حضرت صدر الافاضل مولانا سَيّد،مفتي نعيم الدين مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه آيت سڳوري جي هن حصي ” الله جِي راھ ۾ خرچ نه ٿا ڪن “ جي تحت فرمائن ٿا: بخل ڪندا آهن ۽ مال جا حق ادا نه ڪندا آهن، زڪوٰة ادا نه ڪندا آهن، اها آيت مانِعِين زَڪوٰة (يعني زڪوٰت جو انڪار ڪرڻ وارن) جي باري ۾ نازل ٿي۔

سيپاري 15 سوره بني اسرائيل جي آيت نمبر 100 ۾ الله  تبارڪ و تعاليٰ جو فرمانِ حقيقت بُنياد آهي:

قُلْ لَوْ أَنْتُمْ تَمْلِكُونَ خَزَائِنَ رَحْمَةِ رَبِّي إِذًا لَأَمْسَكْتُمْ خَشْيَةَ الْإِنْفَاقِ وَكَانَ الْإِنْسَانُ قَتُورًا                                                                   (پ۱۵، بني اسرائيل: ۱۰۰)

 

تَرجمو ڪنز الايمان: توهان فرمايو جيڪڏهن توهان منهنجي ربّ جي خزانن جا مالڪ هجو ها ته ان وقت توهان مسڪين ٿيڻ جي خوف کان انهن تي خرچ نه ڪريو ها، ۽ انسان بخيل آهي۔

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ياد رکو! مال ۽ دولت ڪنهن وٽ هميشه نه رهي آهي نه آئنده رهندي، ان ڪري جيڪڏهن الله عَزَّوَجَلَّ ڪنهن خوش نصيب کي ان نعمت سان نوازيو آهي ته ان کي گھرجي ته ان نعمت جي قدر ڪري ۽ ان جي ناشڪري کان بچندو رهي، هن فاني مال ۽ دولت کي ضرورت جي علاوه گڏ نه ڪري، بلڪ صحابِي رسول حضرت سيدُنا طلحه بن عُبَيدُالله  رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جي نَقشِ قدم تي هلندي، وقت بوقت ان کي الله جي راھ ۾ خرچ ڪري پاڻ کي سخاوت جي زيور سان سينگاري، ياد رکو جيڪو شخص سخاوت جي