Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

فرمائي ڇڏيو، پر ڏھ (10) اهڙا جَلِيلُ الْقَدْر ۽ خُوش نصيب صحابه ڪرام رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهم اَجۡمعِیۡن آهن، جن کي پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  مسجدِ نبوي شريف عَـلٰي صاحِبِھَاالـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي منبر شريف تي بيهي انهن جو نالو وٺي جنّتي هئڻ جي خُوش خبري ٻڌائي۔ تاريخ ۾ انهن خُوش نصيبن جو لقب ”عَشَرَهٔ مُبَشَّرَه آهي۔ حضرت سيدُناطلحه بن عُبَيدُالله رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جو شُمار به انهن عَشَرَه مُبَشَّرَه ۾ ٿيندو آهي.

وہ  دَسوں  جن  کو   جنّت   کا   مُژدہ  مِلا

      اُس مُبارَک جماعت پہ لاکھوں   سلام  (حدائقِ بخشش،311)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

۽ اَحاديثِ مُبارَڪه ۾ به مختلف هنڌن تي اوهان رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ جا فضائل ۽ مَناقِب به بيان ڪيا ويا آهن، اچو! هن باري ۾ 2 فرمان مُصطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمٻڌون ٿا:

1.       مَنْ سَرَّهُ اَنْ يَّنْظُرَ اِلٰى شَهِيْدٍ يَمْشِى عَلٰى وَجْهِ الْاَرْضِ فَلْيَنْظُرْ اِلٰى طَلْحَةَ بْنِ عُبَـيدِالله يعني جيڪو زمين تي هلندڙ ڦرندڙ (يعني زندهه) شهيد جي زيارت سان خُوش ٿيڻ چاهي ٿو ته اهو طلحه بن عُبَيدُ الله (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ) کي ڏسي وٺي۔

                                  (ترمذی،کتاب المناقب،باب مناقب ابی محمد طلحۃ بن عبید اللہ،۵/۴۱۲،حدیث:۳۷۶۰)

2.       طَلْحَةُ وَالزُّبَيْرُ جَارَاىَ فِى الْجَنَّۃِ يعني طلحه ۽ زُبَير(رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا)جنّت ۾ منهجا پاڙيسري ٿيندا۔ (ترمذی، کتاب المناقب،باب مناقب ابی محمد طلحۃ بن عبید اللہ،حدیث:۳۷۶۲، ۵/۴۱۳)

مُفَسِّرِ شَهير، حڪيمُ الاُمَّت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه هن حديثِ پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: يعني ٻئي سڳورا (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا) جنّت ۾ منهنجي گھڻو ويجھو هوندا، پاڙيسري قريب ئي هوندو آهي، قريب ئي رهندو آهي ۔(وڌيڪ فرمائن ٿا ته) هن فرمانِ عالي ۾ آهي انهن ٻئي سڳورن (رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُمَا) جو مؤمن مُتَّقي هجڻ، انهن جو خاتمو بالخير، قبر جي امتحان ۾ ڪاميابي،