Book Name:Hazrat Sayyiduna Talha bin Ubaidullah ki Sakhawat

پنهنجي موت کي بلڪل وساري ڇڏيو، هڪ ڏينهن مَلَڪُ المَوت حضرت سَيدُنا عِزرائيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام هڪ فقير جي شڪل ۾ انهن جي گھر آيا ۽ دروازو کڙڪايو، غُلام فوراً دروازي تي آيو، ۽ جيئن ئي دوازو کوليو ته سامهون هڪ فقير کي ڏٺو، ان پڇيو ته تون هتي ڇا جي لاءِ آيو آهين؟ مَلَکُ الْمَوْت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام  جواب ڏنو: وڃ پنهنجي مالڪ کي موڪل مون کي ان سان ڪم آهي۔

  نوڪرن ڪوڙ ڳالهائيندي چيو: اهو تون جھڙي ڪنهن فقير جي مدد ڪرڻ ٻاهر ويو آهي، حضرت سَيدُنا مَلَکُ الْمَوْت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام ڪجھ دير کان پوءِ ٻيهر در کڙڪايو، غلام ٻاهر آيو ته ان کي چيو: وڃ! ۽ پنهنجي آقا کي چئو: مان مَلَکُ الْمَوْت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام آهيان۔

 جڏهن ان مالدار شَخص اها ڳالھ ٻڌي ته تمام گھڻو ڊنو ۽ پنهنجي غلامن کي چيو: وڃو! ۽ ان سان نهايت نرمي سان گُفتگو ڪيو۔ نوڪر ٻاهر آيا ۽ حضرت سَيدُنا مَلَکُ الْمَوْت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام کي چوڻ لڳا: اوهان اسان جي مالڪ جي بدران ڪنهن ٻئي جو روح قبض ڪري وٺو ۽ ان کي ڇڏي ڏيو، الله عَزَّوَجَلَّ اوهان کي برڪتون عطا فرمائي، حضرت سَيدُنا مَلَکُ الْمَوْت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام فرمايو: ائين هرگز نٿو ٿي سگھي، پوءِ مَلَکُ الْمَوْت عَـلَيْـهِ الـسَّـلَام اندر تشريف وٺي ويا ۽ ان مالدار شَخص کي چيو: تو کي جيڪا وَصِيت ڪرڻي آهي ڪري وٺ، مان تنهنجو رُوح قبض ڪرڻ کان بنا هرگز نه ويندس۔

اهو ٻڌي سڀئي گھروارن دانهون ڪري روئڻ شروع ڪيو، ان شخص پنهنجي گھر وارن ۽ غُلامن کي چيو: سون چاندي سان ڀريل صَندُوق ۽ تابُوت کولي ڇڏيو ۽ منهنجي سموري دولت منهنجي اڳيان حاضر ڪيو، هڪدم حڪم جي تَعمِيل ڪئي وئي ۽ سمورو خزانو ان جي قدمن ۾ رکيو ويو، اهو شَخص سون چاندي جي ڍير وٽ آيو ۽ چوڻ لڳو: اي ذليل ۽ بد ترين مال! تون تي لعنت هجي، تون ئي مون کي پرور دگار عَزَّوَجَلَّ جي ذِڪر