Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

ايندڙ مدني انقلاب جي باري ۾ ڪجھ هيئن تحرير فرمائن ٿا: آئون بد قسمتي سان عشقِ مَجازِي ۾ گرفتار ٿي گناهن ۾ بدمست ٿي چڪو هئس، هڪ ڏينهن مون کي خبر ملي ته گھر وارن ”اُن“ (ڇوڪريء) جي شادي ڪنهن ٻي جڳهه تي ڪري ڇڏي آهي، هن صدمي کان پوءِ منهنجي زندگي اُجڙي چڪي هئي، آخرڪار منهنجو انجام به اهو ئي ٿيو جيڪو عشقِ مَجازِي ۾ شيطان جي هٿان رانديڪو بڻجڻ وارن سوين ناڪام ۽ نامراد عاشِقن جو ٿيندو آهي، تنهنڪري مان بيزار ٿي چرس، آفيم، شراب، هيروئن ۽ نشي آور انجيڪشن جهڙن موتمار مُنَشّيات جو عادي بڻجي چڪو هئس، پنهنجي فاسد گمان ۾ قلبي سڪون حاصل ڪرڻ خاطر شايد ئي ڪو اهڙو نشو هجي جيڪو مون نه ڪيو هجي، زندگيءَ مان ايتري قدر تنگ ٿي چڪو هئس جو       مَعَاذَاللّٰه ڪئي ڀيرا ته خودڪشي جي ناڪام ڪوشش به ڪئي، پاڻ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ڊيٽول، پيٽرول ۽ تيزاب به پيتو پر زندگي جوڻ گهڙيون باقي هيون، ربُّ العٰلمين عَزَّوَجَلَّ       جي بي نيازيءَ تي قربان وڃان جو ايترين نافرمانين جي باوجود ان رحمت جو دروازو مون تي بند نه ڪيو، ڪرم جو سبب ڪـجھ هيئن ٿيو ته منهنجي ملاقات دعوت اسلامي جي مهڪي مهڪي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته هڪ عاشقِ رسول سان ٿي، ان جون مٺيون ڳالهيون ٻڌي ڪري دل ۾ نئين سري سان جيئڻ جي اُمنگ بيدار ٿي، ان جي انفرادي ڪوشش جي برڪت سان 29 شَعبان المُعَظَّم 1427هه بمطابق 2006ع ۾ مون کي دعوت اسلامي جي عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه جي روحانيت سان ڀرپور فضائن ۾ اچڻ جي سعادت ملي، هتي هر پاسي سبز سبز عمامي وارن عاشقان رسول کي ڏسي منهنجو ايمان تازو ٿي ويو ۽ هٿو هٿ 1427 هه جي رَمضان