Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

المُبارَڪ جي 30 ڏينهن جي اِجتِماعي اِعتِڪاف ۾ ويهي رهيس،        اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ         مون گنهگار کي به رَمضان المُبارَڪ جا روزا رکڻ جي سعادت حاصل ٿي، مدني ماحول جي برڪت سان منهنجي مٿي تان عشق مجازي جو نشو لهي ويو، دل مان برا خيال ختم ٿي ويا، مون چهري تي ڏاڙهي، مٿي تي سبز سبز عمامو شريف ۽ بدن تي سنت جي مطابق مدني لباس سجائي ورتو ۽        اَلۡحَمۡدُلِلّٰه  عَزَّوَجَلَّ         پنج وقت جي نماز جو پابند بڻجي ويس، هي سٽون لکڻ وقت تائين آئون ”مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي“ جي مُقدَّس جذبي تحت مدني ڪمن جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهيان .

عطائے حبیبِ خُدا مَدَنی ماحول

 

ہے فَیضانِ غَوث و رضا مَدَنی ماحول

بَفَیضانِ احمد رضا اِنْ شَآءَ اللہ

 

یہ پُھولے پھلے گا سَدا مَدَنی ماحول 

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

              مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو.

(ابن عساڪر ج 9 ص 343) 

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا

 

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد