Book Name:Ishq-e-Majazi ki Tabah Kariyan

جيتري قدر اُن جو رُوحاني، نَفۡسِياتي، ذہني ۽ دِماغي بيماريءَ ۾ مبُتلا ہئڻ تشويشناڪ آهي، ڇو جو رُوح جي بيماري انسان کي ناشائستگي ۽ بداَخۡلاقيءَ جي طرف وٺي ويندي آهي.  ذہن ۽ دِماغ جو مَرَض انسان کي هڪ عجيب ڪشمڪش ۽ بي چيني جيهڙي ڪيفيت ۾ مبُتلا ڪري ڇڏيندو آهي ۽ انسان جي روشن مُسۡتَقۡبِل تي هڪ سِياھ نشان لڳائي ڇڏيندو آهي، انسان پنهنجي روشن مَسۡتَقۡبِل  جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪندو آهي ۽ پنهنجي  فِڪر ۽ عمل کي سنوارڻ ۽ اڳيان وڌڻ جي ڪوشش ڪندو آهي، پر اُن جو ذہني ۽ دِماغي مَرَض اُن جي پيرن جي زنجير بڻجي ويندو آهي۔ موبائل جي سبب بلَڊ پريشَر، دل جي دَوري ۽ چِڙچِڙي پَن جهڙي بيماريون پهريان جي مُقابلي ۾ وڌنديون وينديون آهن ۽ هي چِڙچِڙو پَن، گھريلو  ماحول جي لاءِ اِنۡتِہائي نُقصان جو سبب بڻجي رهيو آهي۔ زال مڙس ۾ جھگڙا ٿي رهيا آهن ۽ خانداني نِظام مٽجي رهيو آهي، موبائل جي بدولت پيدا ٿيڻ واري ان غُصّي ۽ چِڙچِڙا پَن جي سبب پنهنجن ۽ غيرن جي درميان گار گند ۽ هاٿاپائي تائين نوبت پہچي ويندي آهي، مطلب هي ته موبائل جي نتيجي ۾ برپا ٿيڻ وارو هي ڊرامو هڪ کان هڪ مَنۡظَر پيش ڪري رہيو آهي۔

آگے آگے دىکھئے ہوتا ہے کىا

      موبائل فون ڪهڙي طرح ذہني دٻاؤ، گھٻراہٽ ۽ خانداني ڪشِيۡدَگي جو سبب بڻجي رہي آهي، ان باري ۾ هڪ اَخبار جو هي خلاصو ٻُڌو ۽ پاڻ کي موبائل فون جي ہلاڪت خيزين کان بچائڻ، ان جي استعمال ۾ ڪمي آڻڻ ۽ غير ضروري استعمال کان جان ڇڏائڻ جي نِيت ڪريو۔ جيئن ته

ڪجھ وقت پهريان تَحۡقِيۡق جي مُطابِق موبائل فون استعمال  ڪرڻ وارا ماڻهون ذِہني دٻاؤ جو شِڪار رہندا آهن، اهڙن ماڻهن جو تعداد انهن ماڻهن