Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

آزمائش به الله عَزَّوَجَلَّ جي طرف کان رحمت آهي، جيئن ته حضرت سَيّدُنا انس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته حضورِ پاڪ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ”بيشڪ گھڻو اَجۡر سخت آزمائش تي ئي آهي ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جڏهن ڪنهن قوم سان محبت ڪندو آهي ته انهن کي آزمائش ۾ مبتلا ڪري ڇڏيندو آهي، ته جيڪو ان جي قضا تي راضي رهي ان جي لاءِ رضا آهي ۽ جيڪو ناراض ٿئي ان جي لاءِ ناراضي آهي.“ (ابن ماجہ، ڪتاب الفتن، باب الصبر علي البلاء، رقم ۴۰۳۱، ج۴ ،ص ۳۷۴) هن واقعي مان تربيتِ اولاد جو به درس ملي ٿو ته اسان جا ٻار جيڪڏهن اسان جي دل جو چين ۽ اکين جو نُور هجن پر ان کان پهريان اسين الله عَزَّوَجَلَّ جا ٻانها، نبي ڪريم صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا اُمّتي ۽ معاشري جا اهم فرد به آهيون. جيڪڏهن اسان جي تربيت انهن کي الله عَزَّوَجَلَّ جي عبادت، سرڪارِ مدينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اطاعت ۽ سُنتن سان محبت ۽ گناهن کان نفرت نه ٿي ڏياري سگھي ته انهن کي پنهنجو فرمانبردار بڻائڻ جو خواب ڏسڻ به ڇڏي ڏيڻ گھرجي، ڇو جو هي اسلام ئي آهي جيڪو هڪ مسلمان کي پنهنجي والدين جو مطيع ۽ فرمانبردار بڻجڻ جي تعليم ڏئي ٿو. تنهن جي ڪري اسان کي اولاد جي ظاهري زيب و زينت، چڱي لباس ۽ ٻين ضرورتن سان گڏوگڏ انهن جي اخلاقي ۽ روحاني تربيت جي لاءِ به هر وقت تيار رهڻ گهرجي.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

شهر ِمڪةُ المڪرّمه جي آبادڪاري

حضرت سَيّدُنا ابراهيم عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جڏهن حضرتِ سَيّدُنا اِسمٰعيل جي والده حضرتِ ہاجرہ رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا حضرتِ سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام کي مڪي شهر