Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

جنهن ۾ ڪو چوڻ وارو چئي رهيو آهي: ”بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ توکي پنهنجو پُٽ ذبح ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿو.“ پاڻ صبح کان شام تائين انهيءَ باري ۾ غور فرمائيندا رهيا ته هي خواب الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان آهي يا شيطان جي طرفان؟ اٺ ذوالحج جو نالو یَوۡمُ التَّرۡوِیَہ (يعني سوچ ويچار جو ڏينهن) انهيءَ ڪري رکيو ويو. نائين (ذوالحج) جي رات وري ساڳيو خواب ڏٺائون ۽ صبح يقين ڪري ورتائون ته هي حڪم الله عَزَّوَجَلَّ جي طرفان آهي. ان ڪري 9 ذوالحج کي
یَوۡمِ عَرفَه (يعني سڃاڻپ وارو ڏينهن) چيو ويندو آهي. ڏهين (ذوالحج) جي رات وري اهوئي خواب ڏسڻ کان بعد پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام صبح جو هن خواب تي عمل ڪرڻ يعني پُٽ جي قرباني جو پڪو ارادو ڪري ورتو، انهيءَ ڪري 10 ذوالحج کي یَوۡمُ النَّحۡر يعني ” ذَبۡح جو ڏينهن“ چيو ويندو آهي.

(تفسير ڪبير ج 9، ص 346)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

حڪمِ خداوندي جي تڪميل جو نرالو انداز

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!انبياءِ ڪرام عَـلَـيْهِمُ السَّلَام جو مقام ۽ مرتبو تمام مخلوق کان بلند ۽ اعليٰ آهي، تنهنڪري انهن تي اچڻ وارا امتحان به ايتري قدر شديد هوندا آهن، پر قربان وڃو، ان مقدس هستين جي صبر و استقلال تي جو اهي ان راھ ۾ اچڻ واري هر مصيبت ۽ مشڪل کي خوشي خوشي برداشت ڪري نه صرف بارگاھِ الٰهي ۾ سُرخرو ٿي بلند درجات حاصل ڪندا آهن بلڪه مستقبل ۾ اچڻ وارن امتحانن جي لاءِ پنهنجو پاڻ کي ۽ گھروارن کي هر وقت تيار رکندا آهن، انهن جون اهي ئي قربانيون رهندڙ