Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

بيان جو خلاصو

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اڄ اسان حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي سيرتِ مبارڪه جي حوالي سان بيان ٻڌو ته

·                  پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جو مقام ۽ مرتبو الله عَزَّوَجَلَّ جي نزديڪ نهايت بلند ۽ اعلٰي آهي.

·         پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّلَام، الله عَزَّوَجَلَّ جي احڪامن کي بجا آڻڻ جي لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا.

·         پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام پوري زندگي پنهنجي اُمّت کي نيڪي جي دعوت پيش ڪندا رهيا.

·         پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام، الله عَزَّوَجَلَّ جي حڪم تي عمل ڪرڻ ۾ پنهنجي والد جا بهترين مددگار ثابت ٿيا.

·         آبِ زم زم جو عظيم معجزو پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ئي مبارڪ قدمن سان نسبت رکندو آهي.

·                  قرآنِ پاڪ ۾ پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جو 4 خوبيون بيان ٿيون يعني (1) صادقُ الوعد يعني واعدي جا سچا (2) غيب جون خبرون ڏيڻ وارا (3) اهل ۽ عيال کي نماز ۽ زڪوٰة جو حڪم ڏيڻ وارا (4) ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جا پسنديده ٻانها هئا.

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! اسان کي به سوچڻ گھرجي ته اسان کي بزرگانِ دين جي ڪردار کي سامهون رکندي ان تي ڪيتري قدر عمل ڪندا آهيون؟ اسان کان ته جان قربان ڪرڻ جو مطالعو به نه پيو ڪيو وڃي، اسان تي اسان جي طاقت کان وڌيڪ ٻوجھ نه پيو وڌو وڃي، پر پوءِ به اسان کان آسان