Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

پاڻ اَبُو العرب (اهلِ عرب جا والد) آهن. آبِ زم زم سندن جو معجزهء ارهاصي (اعلانِ نبوت کان پهريان صادر ٿيڻ وارو معجزو) آهي جيڪو قيامت تائين باقي آهي قيامت تائين ٻه (2) معجزا باقي رهڻ وارا آهن، هڪ آبِ زم زم جو چشمو جيڪو اسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي کُڙي مان نڪتو ۽ ٻيو دينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم يعني قرآنِ ڪريم، حديثِ پاڪ ۽ ان جا قانون ۽ عبادتون. (تفسير نعيمي، ۱۶/۲۸۵)

حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلَيْـهِ الـسَّلَام جي يادگار

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! آبِ زم زم شريف قيامت تائين باقي رهڻ وارو معجزو آهي، ان کي حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام سان نسبت جي سبب دنيا جي سڀني پاڻين تي ڪيترن ئي اعتبارن سان فضليت ۽ فوقيت حاصل آهي. ڪيترائي سال گذرڻ جي باوجود به هي پاڻي مخلوقِ خدا کي فيضياب ڪري رهيو آهي ۽ ظاهري ۽ باطني مرضن کان شفا جي دولت به تقسيم ڪري رهيو آهي. منهنجي آقا اعلٰي حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمايو: زم زم شريف جو هڪ معجزو هي به آهي هر وقت مزو تبديل ٿيندو رهندو آهي. ڪڏهن ٿورو کارو، ڪڏهن تمام مٺو ۽ رات جو ٻه (2) بجي کان پوءِ پيتو وڃي ته تازو ڏوهيل ڳئون جو خالص کير معلوم ٿيندو آهي. (وڌيڪ فرمائن ٿا:) زم زم شريف ڪنهن وٽ ڪافي مقدار ۾ هجي ان کي نه ڪنهن غذا جي ضرورت، نه دوا جي.

(ملفوظاتِ اعلٰي حضرت، ص۴۳۵)

حديث شريف ۾ آهي: زم زم کاڌي جي جڳھ تي کاڌو ۽ دَوا جي جڳھ تي دَوا آهي. (مصنف ابن ابي شيبہ،ڪتاب الحج،باب في فضل زمزم، ۴/۳۵۸،حديث:۲) اچو ته! هاڻي آبِ زم زم جي فضائل تي ٽي (3) فرمانِ مصطفٰي ٻڌون ٿا. جيئن ته