Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

1.       آبِ زم زم دنيا ۽ آخرت جي جنهن مقصد جي لاءِ به پيتو وڃي ڪافي آهي.

(سنن ابن ماجة، ابواب المناسڪ، باب الشرف من زمزم، ج ۳، ص۴۹۰، حديث:۳۰۶۲، بدون ”من امرالدنيا والآخرة“)

2.       آبِ زم زم پيٽ ڀري پيئڻ نفاق کان ڇوٽڪارو ڏيندو آهي.

(فردوس الأخبار،باب التاء،حديث:۲۲۵۵، ۱/۳۰۹)

3.       آبِ زم زم زمين جي سطح تي موجود سڀني پاڻين کان افضل آهي.

(معجم الڪبير،حديث:۱۱۱۶۷ ،۱۱/۸۰)

آبِ زمزم شعائرُالله آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! توهان ڏٺو ته الله تبارڪ وتعاليٰ ان مقدس پاڻي کي ڪيتري قدر شان ۽ شوڪت ۽ برڪتن سان نوازيو آهي ته جتي هي مسلمانن جي دلين ۾ قيامت تائين الله عَزَّوَجَلَّ جي نبي حضرت سَيّدُنا اِسمٰعيل ذبيح الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي ياد ۽ ان جي محبت تازي ڪندو رهندو، اُتي هي بابرڪت پاڻي بيمارن، پريشان حالن، ڏکايلن ۽ غم ۾ ورتلن جي جسماني ۽ روحاني مرضن ۾ شفا جو سبب به ٿيندو. واقعي جنهن شيءِ کي الله وارن جي مبارڪ جسم سان نسبت حاصل ٿي وڃي ان جو شرف ۽ عظمت وڌي ويندي آهي بلڪه اهي شعائرُ الله (الله عَزَّوَجَلَّ جون نشانيون) بڻجي وينديون آهن. جيئن ته مُفسّر شهير، حڪيمُ الاُمّت، حضرتِ مفتي احمد يار خان عَلَيْهِ رَحْمَةُ الحَنّان فرمائن ٿا: صفا ۽ مروه اهي جبل آهن جن تي حضرت هاجره (رَضِیَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهَا) پاڻي جي تلاش ۾ ست (7) ڀيرا چڙهيون ۽ لٿيون. ان الله واريءَ جا قدم پوڻ جي برڪت سان هي ٻئي جبل شَعائرُالله بڻجي ويا ۽ قيامت تائين حاجين تي ان پاڪ بي بي جي نَقَل ڪندي ان تي ست (7) ڀيرا چڙهڻ ۽ لهڻ لازم ٿي ويو. بزرگن جا قدم لڳڻ سان اها شيءِ شَعائرُالله بڻجي ويندي