Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اَلْحَمْدُلِلّٰہ عَزَّوَجَلَّ! ذُوالْحِجَّۃُ الْحَرام جو مهينو عنقريب اسان جي درميان جلوه گر ٿيڻ وارو آهي ۽ هي وڏو بابرڪت ۽ رحمتن جو مهينو آهي، تنهنڪري جيترو وڌيڪ ٿي سگھي هن مهيني ۾ عبادت ۽ رياضت جو اهتمام ڪيو وڃي ۽ ٿي سگھي ته هن ۾ مهيني نفلي روزا رکڻ جي به سعادت حاصل ڪئي وڃي ته نفلي روزن جون بي شمار فضيلتون ۽ برڪتون آهن گڏوگڏ احاديثِ مبارڪه ۾ ذُوالْحِجَّۃُ الْحَرام جي پهرين عَشَري (پهرين ڏھ (10) ڏينهن) جا فضائل به بيان ٿيا آهن.

شبِ قدر جي برابر فضيلت

حديثِ پاڪ ۾ آهي، ”الله عَزَّوَجَلَّ کي عشرهءِ ذوالحجة کان وڌيڪ ڪنهن ڏينهن ۾ پنهنجي عبادت ڪــئي وڃڻ پسنديده ناهــي ان جي هر ڏينهن جو روزو هڪ سال جي روزن ۽ هر رات جو قيام شبِ قدر جي برابر آهي.“

(جامع ترمذي ج۲ص۱۹۲حديث۷۵۸)

عَرَفه جو روزو

حضرتِ سَيِّدنا ابوقتاده رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي سلطانِ مدينہ، قرارِ قلب و سينه، فيض گنجينه، صاحبِ معطر پسينه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ باقرينه آهي: ”مون کي الله عَزَّوَجَلَّ تي گمان(اميد) آهي ته عرفه (يعني 9 ذوالحجة الحرام) جو روزو هڪ سال پهريان ۽ هڪ سال بعد جا گناهه مٽائي ڇڏي ٿو“.

(صحيح مُسلم ص۵۸۹،حديث:۱۹۶)