Book Name:Beta ho to aisa - Haftawar Bayan

(Printing Press) ڪم ڪري رهي آهي، جيڪا ان شعبي جي متعلق (Related) هر قسم جي جديد سهولتن ۽ ضرورتن سان آراسته آهي ۽ ان مختصر عرصي ۾ مڪتبة المدينه کان جتي سُنتن ڀريي بيانن ۽ مدني مذاڪرن جون هزارين ڪيسيٽون ۽ وي.سي.ڊيز پوري دنيا ۾ پهتيون ۽ پهچي رهيون آهن، اُتي سرڪارِ اعلٰي حضرت رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه، اميرِ اهلسُنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه ۽ ٻين علماءِ اهلسُنت جا ڪتاب به ڇپائي جي زيور سان سينگارجي لکن جي تعداد ۾ عوام جي هٿن ۾ پهچي سُنتن جا گُل مهڪائي رهيا آهن.

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پہ جہاں میں

اے دعوت اسلامی تیری دھوم مچی ہو!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب! صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

ٻارنهن مدني ڪمن ۾ حصو وٺو!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! نيڪي جي دعوت ڦهلائڻ ۾ دعوتِ اسلامي جو ساٿ ڏيو، پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان هر دم وابسته رهو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن ۾ خوب خوب حصو وٺو! انهن مان روزانه جو هڪ مدني ڪم ”مسجد درس“ به آهي. منقول آهي ته الله عَزَّوَجَلَّ حضرت سيِّدُنا موسٰي ڪليم الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام جي طرف وحي فرمائي: ڀلائي جون ڳالهيون پاڻ به سکو ۽ ٻين کي به سيکاريو، آئون ڀلائي سکڻ ۽ سيکارڻ وارن جي قبرن کي روشن فرمائيندس ته جيئن انهن کي ڪنهن قسم جي وحشت نه ٿئي. (حِلية الاَولياء ج۶، ص۵ حديث۷۶۲۲) بيان ڪيل روايت مان معلوم ٿيو ته سٺين